صدر پاران اڳوڻي رياست خيرپور جي آخري حڪمران مير علي مُراد خان ٽالپر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي رياست خيرپور جي آخري حڪمران مير علي مُراد خان ٽالپر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري مير علي مراد خان ٽالپر جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مير علي مراد خان ٽالپر …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي رياست خيرپور جي آخري حڪمران مير علي مُراد خان ٽالپر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري مير علي مراد خان ٽالپر جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مير علي مراد خان ٽالپر جي خيرپور ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي تحفظ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. صدر الله تعالى کان مير علي مراد خان ٽالپر جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.