رياست ۽ خيبرپختونخواهه جو بنيادي مسئلو سياست جو نه آهي پر دهشتگردي آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته رياست ۽ خيبرپختونخواهه جو بنيادي مسئلو سياست جو نه آهي پر دهشتگردي آهي ۽ ان مسئلي کي سياسي نعرن بدران حقيقتن ۽ انگن اکرن جي بنياد تي ڏسڻو پوندو. اڱاري ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته رياست ۽ خيبرپختونخواهه جو بنيادي مسئلو سياست جو نه آهي پر دهشتگردي آهي ۽ ان مسئلي کي سياسي نعرن بدران حقيقتن ۽ انگن اکرن جي بنياد تي ڏسڻو پوندو. اڱاري ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ اٽڪل 6200 دهشتگردي جا واقعا ٿيا جن ۾ اٽڪل 1200 ماڻهو شهيد ٿيا جڏهن ته افغان شهرين پاران 37 خودڪش حملا ڪيا ويا، رڳو هلندڙ سال خيبرپختونخواهه ۾ 14 خودڪش حملا ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت افغان شهرين جي هئي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي مجموعي نفري اٽڪل هڪ لک 25 هزار آهي پر اٽڪل 13 هزار اهلڪار وي آءِ پي پروٽوڪول تي مقرر آهن جڏهن ته 17 هزار پوليس جايون خالي آهن. هن چيو ته هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي پوليس دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين تي وڙهي رهي آهي اتي پوليس کي گهربل نفري، وسيلا ۽ سهولتون فراهم نه ڪرڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ سي ٽي ڊي جي صلاحيت انتهائي محدود آهي، پوري سي ٽي ڊي وٽ اٽڪل 17 بلٽ پروف گاڏيون ۽ اٽڪل 3300 اهلڪار آهن. هن چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف چوڪين جي نئين سر تعمير ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ 42 ارب رپيا گهريا پر خيبرپخوتنخواهه حڪومت رڳو 1.2 ارب رپيا جاري ڪيا. بئريسٽر دانيال چوڌري سوال ڪيو ته جڏهن پوليس پاڻ وسيلن جي کوٽ جي نشاندهي ڪري رهي آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگردي جي خلاف پوليس کي گهربل وسيلا ڇو فراهم نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف گذريل 13 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت يا سياسي اثررسوخ رکي ٿي ان جي لاءِ ان کي پنهنجي صوبائي ڪارڪردگي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي پاليسي جو جواب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ بطور وزيراعظم پاڻ دهشتگردي جي مسئلي جي حل لاءِ ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه جي پاليسي ايتري موثر هئي ته اڄ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي صورتحال ٻيهر ايتري سنگين ڇو آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته اڄ به جيڪڏهن ٽي ٽي پي يا ٽي ٽي اي سان ڳالهه ٻولهه جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته تحريڪ انصاف کي واضح ڪرڻو پوندو ته ان جي دهشتگردي جي خلاف پنهنجي پاليسي ڇا آهي. اطلاعات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه ۽ انهن کي ٻيهر منظم ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ جي پاليسي رياست جي دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي سان ٽڪراءُ ۾ آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري سوال ڪيو ته ڇا ڪوهاٽ ۽ پشاور ۾ ٿيندڙ ڊرون حملا ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي پوسٽن تي ٽي ٽي اي جا حملا حقيقت نه آهن، جڏهن دهشتگرد پاڻ ڊرون استعمال ڪري هيا آهن ته رياست ۽ فوج کي پنهنجي دفاع جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو حق ڇو نه آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا تحريڪ انصاف جي قيادت ڪڏهن به پاڻ فوجي چوڪين جو دورو ڪيو آهي، ڇا ڪڏهن دهشتگردي جي شهيدن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي آهي، ضم ٿيل ضلعن ۾ ڪيتريون عدالتون ۽ پوليس ٿاڻا مڪمل طور تي فعال آهن، اتي ڪيترا ججز ۽ پوليس اهلڪار پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن، دهشتگردي جي صورتحال تي ڪيترا ايپڪس ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيا ويا ۽ سڀ کان اهم سوال اهو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ تحريڪ انصاف جي پنهنجي قابل عمل پاليسي ڪهڙي آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي اها دعوى به صحيح نه آهي ته خيبرپختونخواهه کي وفاق کان فنڊز نه ٿا ملن. هن چيو ته 2010ع کان 2025ع تائين مختلف مدن ۾ خيبرپخوتنخواهه کي اٽڪل 8500 ارب رپين جي وفاقي مالي مدد ۽ منتقليون ڪيون ويون آهن، رڳو ستين اين ايف سي تحت اٽڪل 5867 ارب رپيا، دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مد ۾ اٽڪل 705 ارب رپيا ۽ ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ اٽڪل 704 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته سوال فنڊز نه ملڻ جو نه آهي پر فنڊز جي موثر استعمال ۽ عوام کي نتيجا ڏيڻ جو آهي.