گڏيل قومون - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 63هين اجلاس چين جي 47 ملڪن طرفان پيش ڪيل سمورن ماڻهن جي مڪمل انساني حقن مان فائدو کڻڻ لاءِ پهچ کي هٿي ڏيڻ جي عنوان سان هڪ ٺهراءَ جو مسودو اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنيوا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۽ سوئيٽزرلينڊ ۾ ٻين عالمي تنظيمن لاءِ چين …
انساني حقن واري ڪائونسل پاران چين جي پيش ڪيل سڀني لاءِ رسائي جو ٺهراءُ متفقه طور تي منظور

مزید خبریں
گڏيل قومون – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 63هين اجلاس چين جي 47 ملڪن طرفان پيش ڪيل سمورن ماڻهن جي مڪمل انساني حقن مان فائدو کڻڻ لاءِ پهچ کي هٿي ڏيڻ جي عنوان سان هڪ ٺهراءَ جو مسودو اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنيوا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۽ سوئيٽزرلينڊ ۾ ٻين عالمي تنظيمن لاءِ چين جي مستقل نمائندي جيا گائيڊ ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته رسائي جوڳي ماحول جي جوڙجڪ معاشري جي سمورن طبقن کي برابر ۽ سٺي انداز ۾ سماجي زندگي ۾ شرڪت ۽ پنهنجي انساني حقن مان مڪمل فائدو کڻڻ لاءِ اهم تحفط فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ٺهراءُ آبادي جي وڌندڙ عمر جي تناظر ۾ رسائي کي هٿي وٺائڻ ۽ عمر دوست ماحول جي جوڙجڪ تي زور ڀري ٿو. ان کان علاوه مصنوعي ذهانت سميت اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز سبب پيدا ٿيندڙ موقعن ۽ چئلينجز کي به نظر رکيو ويو. هن چيو ته ٺهراءَ سمورن ملڪن تي زور ڀري ٿو ته هو اڀرندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي تياري ۽ استعمال ۾ جدت، شموليت، ڪشادگي، انصاف، تحفظ ۽ سلامتي کي ترجيح ڏين ته جيئن معلومات ۽ مواصلات تائين پهچ بهتر بڻائڻي سگهجي. واضح رهي ته 2024ع ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ان عنوان سان چين جو پيش ڪيل ٺهراءُ پهريون ڀيرو منظور ڪيو هو جيڪو گڏيل قومن جي تاريخ ۾ رسائي جي موضوع تي پهريون موضوعاتي ٺهراءُ هو.










