اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جو مظهر آهي. اسپيڪر 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جو مظهر آهي. اسپيڪر 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناڪام ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، قوم کي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. سردار اياز صادق چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جو خاتمو اڻٽر آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون.










