ميڪسيڪو کي وڏو ڌچڪو، نوجوان گلبرٽو مورا گوڏي جي انجري سبب چلي خلاف ميچ مان ٻاهر

ميڪسيڪو سٽي-06 آڪٽوبر(اي پي پي) ميڪسيڪن فٽ بال فيڊريشن (ايف ايم ايف) پنهنجي ٽين ايج مڊ فيلڊ گلبرٽومورا جي گوڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب چلي خلاف دوستاڻي ميچ مان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 17 سالن جو رانديگر گلبرٽومورا 26 سيپٽمبر تي ڪولمبيا خلاف 1-1 تان ڊرا ٿيل ميچ ۾ زخمي ٿيو هيو جنهن سبب هو پيرو ۽ آمريڪا خلاف ميچ ۾ به شرڪت نه ڪري سگيو هيو. فيڊريشن سوشل ميڊيا تي پنهنجي …

ميڪسيڪو سٽي-06 آڪٽوبر(اي پي پي) ميڪسيڪن فٽ بال فيڊريشن (ايف ايم ايف) پنهنجي ٽين ايج مڊ فيلڊ گلبرٽومورا جي گوڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب چلي خلاف دوستاڻي ميچ مان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 17 سالن جو رانديگر گلبرٽومورا 26 سيپٽمبر تي ڪولمبيا خلاف 1-1 تان ڊرا ٿيل ميچ ۾ زخمي ٿيو هيو جنهن سبب هو پيرو ۽ آمريڪا خلاف ميچ ۾ به شرڪت نه ڪري سگيو هيو. فيڊريشن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته گلبرگ ٽو مورا وقت کان اڳ پنهنجي ڪلب واپس ويندو هليو جڏهن ته ملتوي ٿيل ليفٽ بيڪ ميٽيو چاويز به پنهنجي ڊچ ڪلب اي زيڊ الڪمار واپس هليو ويندو. ياد رهي ته ايندڙ ميچ ۾ ميڪسيڪو ۽ چلي لاس اينجلس ۾ آمهون سامهون ٿيندا.