عراق پاران 50 سالن جي وقفي کان پوءِ نار خطي ۾ پنهنجون سامونڊي واپاري سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ جو منصوبو

بغداد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) عراق 50 سالن کان وڌيڪ وقفي کان پوءِ نار خطي ۾ پنهنجون سامونڊي واپاري سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ عراقي سامونڊي لائين جي تياري جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عراق جي ٽرانسپورٽ واري وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته قومي ڪمپنين کي فعال ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ ۽ واپار ۾ انهن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عراق جي …

بغداد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) عراق 50 سالن کان وڌيڪ وقفي کان پوءِ نار خطي ۾ پنهنجون سامونڊي واپاري سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ عراقي سامونڊي لائين جي تياري جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عراق جي ٽرانسپورٽ واري وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته قومي ڪمپنين کي فعال ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ ۽ واپار ۾ انهن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عراق جي منصوبن تحت عراقي سامونڊي لائين اڌ صدي کان وڌيڪ وقفي کان پوءِ نار خطي ۾ پنهنجون سامونڊي واپاري سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عراقي سامونڊي لائين 15 آڪٽوبر تي گڏيل عرب امارات جي جبل علي بندرگاهه تان عراق جي ام قصر بندرگاهه طرف رواني ٿيندي جيڪا قومي سامونڊي ڪمپني کي علائقائي واپاري رستن تي واپس آڻڻ جو هڪ قدم آهي ۽ ڪنٽينرز ۽ سامان جي چر پر لاءِ هڪ قومي آپشن فراهم ڪري ٿو. ياد رهي ته خطي ۾ عراقي مال بردار جهازن جو آخري سفر گذريل صدي جي 60 واري ڏهاڪي جي وچ ۾ ٿيو هو جنهن جو سبب سامونڊي لائين جي سرگرمين جو ٻيهر شروع ٿيڻ قومي ڪيريئرز جي بحالي ۽ عراقي سامونڊي ٽرانسپورٽ جي شعبي جي ترقي جي رستي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.