گڏيل قومون - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش 7 آڪٽوبر 2023ع تي حملن جي ٽين ورسي کان اڳ غزه ۾ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 7 آڪٽوبر 2023ع جي حملن جي ٽين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انهن حملن جون تباهيون ٻيهر ڪڏهن به نه ورجائڻ گهرجن ۽ انهن کان پوءِ غزه ۾ …
گڏيل قومن پاران غزه ۾ مستقل جنگ بندي جو مطالبو
گڏيل قومون – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش 7 آڪٽوبر 2023ع تي حملن جي ٽين ورسي کان اڳ غزه ۾ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 7 آڪٽوبر 2023ع جي حملن جي ٽين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انهن حملن جون تباهيون ٻيهر ڪڏهن به نه ورجائڻ گهرجن ۽ انهن کان پوءِ غزه ۾ جاري جنگي ڪارروائين جو خاتموٿيڻ گهرجي. هن چيو ته غزه ۾ جاري رهندڙ تباهه ڪن جنگي ڪارروائيون غزه جي فلسطينين کي ناقابل بيان مصيبتن ۾ وڪوڙي رهيون آهن جن ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان، بي گهر ٿيڻ ۽ تباهي شامل آهي. جڏهن ته شهري هاڻي به ناقابل برداشت حالتن م زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته گذريل سال ٿيل جنگ بندي سبب ڪجهه رليف مليو آهي جڏهن ته ان مان اڃا تائين مڪمل سلامتي، مناسب انساني امداد يا بحالي ۽ امن جي اعتماد جوڳي راهه هموار ناهي ٿي سگهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون مڪمل طور تي پوريون ڪن ۽ جنگ بندي جي ايندڙ مرحلي طرف اڳڀرائي ڪن. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جنگ بندي کي مستقل بڻسايو وڃي. وڏي پئماني تي انساني امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ عالمي قانون جو احترام ڪيو وڃي. هن چيو ته پوري خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سياسي رستو هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏيل قومن ان مقصد لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهن.











