قاهره - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايلچي ۽ عرب ۽ آفريقي معاملن جي سينيئر صلاحڪار مسعد بولوس مصر ۾ سوڊان جي فوج جي سربراهه جنرل عبدالفتاح البرهان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سوڊان جي بحران جي سياسي حل جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. ميڊيا مطابق مسعد بولوس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته آمريڪا پنهنجي مصري شراڪتدارن ۽ …
آمريڪي نمائندي جي مصر ۾ سوڊان جي فوج جي سربراهه سان ملاقات، سياسي حل تي زور
قاهره – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايلچي ۽ عرب ۽ آفريقي معاملن جي سينيئر صلاحڪار مسعد بولوس مصر ۾ سوڊان جي فوج جي سربراهه جنرل عبدالفتاح البرهان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سوڊان جي بحران جي سياسي حل جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. ميڊيا مطابق مسعد بولوس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته آمريڪا پنهنجي مصري شراڪتدارن ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن ۽ اتحادين سان گڏجي سوڊان جي بحران جي سياسي حل لاءِ ڪششون جاري رکندو. اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن آمريڪا ۽ ٻيا ٽياڪڙ سوڊان ۾ جاري تباهه ڪن جنگ جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سوڊان جي فوج ۽ نيم فوجي جٿن ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ اپريل 2023ع کان ويڙهه جاري آهي. مسعد بولوس چيو ته آمريڪا سوڊان جي سياسي قوتن وچ ۾ جامع ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت لاءِ تيار آهي ته جيئن ملڪ جي مستقبل لاءِ شروعاتي روڊ ميپ جوڙي سگهجي. اها ملاقات واشنگٽن پاران سوڊان جي فوج جي سربراهه کي گڏيل قومن ۾ طئي ٿيل خطاب کان ويزا جاري نه ڪرڻ جي اٽڪل ٻن هفتن کان پوءِ ٿي آهي. سوڊان ۽ ٻين ذريعن مطابق اهي قدم آمريڪا جي حمايت يافته جنگ بندي جي تجويز بابت هئا جن جي خرطوم مخالفت ڪئي هئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي گذريل مهيني چيو هو ته نه سوڊان جي هٿياربند فوج ۽ نه ئي ريپڊ سپورٽ فورسز يا انهن جا سربراهه سوڊان ۾ جائز آئيني حڪومت جي نمائندگي ڪن ٿا. رپورٽ مطابق سوڊان ۾ جاري جنگ جي نتيجي ۾ 14 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ وڏي پئماني تي نسلي بنيادن تي قتل عام جو سلسلو به جاري آهي.












