سرحد تي فوج جي موجودگي تي آڱريون کڻندڙ پهريون ڪي پي ۾ پنهنجي 13 سالن جي ناڪامين جو حساب ڏين، خيبرپختونخواهه جو مسئلو سياست نه پر دهشتگردي آهي: دفاع وارو  وفاقي وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته رياست ۽ خيبرپختونخواهه جو اصل مسئلو سياست نه پر دهشتگردي آهي، پر پي ٽي آءِ جي سوچ رياست جي دهشتگردي جي خاتمي واري پاليسي سان مڪمل ٽڪراءُ ۾ رهي آهي. عمران خان جو هميشه پابندي مڙهيل تنظيم (ٽي ٽي پي) لاءِ نرم رويو رهيو. هن سڄي سيڪيورٽي نظام کي دهشتگردن سان غير دانشمنداڻي …

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته رياست ۽ خيبرپختونخواهه جو اصل مسئلو سياست نه پر دهشتگردي آهي، پر پي ٽي آءِ جي سوچ رياست جي دهشتگردي جي خاتمي واري پاليسي سان مڪمل ٽڪراءُ ۾ رهي آهي. عمران خان جو هميشه پابندي مڙهيل تنظيم (ٽي ٽي پي) لاءِ نرم رويو رهيو. هن سڄي سيڪيورٽي نظام کي دهشتگردن سان غير دانشمنداڻي ڳالهين طرف ڌڪيو جنهن جي وڏي قيمت اڄ خيبرپختونخواهه ۽ سڄو ملڪ ادا ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج ۽ رياست جي پاليسي واضح آهي ته دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ اڄ به ويڙهاڪن سان انگيجمينٽ ۽ ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي تفصيلي بيان ۾ دفاع واري وزير تحريڪ انصاف جي بياني تي سخت اعتراض اٿاريندي چيو ته پي ٽي آءِ سوال ڪري ٿي ته جيڪڏهن فوج سرحد تي موجود آهي ته دهشتگرد اندر ڪيئن داخل ٿين ٿا؟ ۽ موجوده صورتحال جو ذميوار باجوه ۽ فيض حميد آهن. خواجه آصف جوابي سوال ڪندي پڇيو ته جيڪڏهن فوج سرحد تي ڪجهه به نه ڪري رهي آهي ته پوءِ فرنٽ لائن تي روزانو پنهنجو رت جو نذرانو ڏئي دهشتگردن خلاف ڪير وڙهي رهيو آهي؟  ان کي ڊالرن جي جنگ  قرار ڏيندڙ ٻڌائين گذريل سالن ۾ آمريڪا پاڪستان کي ڪيترا ارب ڊالر ڏنا آهن؟ جڏهن دهشتگرد پاڻ ڪوهاٽ، پشاور ۽ سيڪيورٽي پوسٽن تي ڊرون حملا ڪري رهيا آهن، ته ڇا فوج کي پنهنجي بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو به حق ناهي؟ دفاع واري وزير صوبي  جي سيڪيورٽي صورتحال جا حيران ڪندڙ انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته خيبر پختونخوا ۾ گذريل ٻن سالن دوران 6,200 دهشتگردي جي واقعن ۾ 1,200 شهادتون ٿيون، جڏهن ته افغان شهرين طرفان 37 آپگهاتي حملا ڪيا ويا. هن سال به هن وقت تائين 14 آپگهاتي حملا ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت افغان شهرين جي هئي. هن خيبرپختونخوا پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته خيبرپختونخوا پوليس جي 125,000 اهلڪارن مان 13,000 اهلڪار صرف وي آءِ پي پروٽوڪول تي مقرر آهن، جڏهن ته فورس ۾ 17,000 پوسٽون خالي پيل آهن. ضم ٿيل ضلعن ۾ سي ٽي ڊي عملي طور غير فعال آهي، ان جي 3,300 اهلڪارن مان صرف 25 اهلڪار مستقل ۽ باقي ڪانٽريڪٽ تي آهن، جڏهن ته سڄي کاتي وٽ صرف 17 بلٽ پروف گاڏيون آهن. هن سنگين الزام لڳايو ته پوليس چوڪين جي نئين سر تعمير ۽ مضبوطي لاءِ 42 ارب رپيا گهريا هئا، پر صوبائي حڪومت صرف 1.2 ارب رپيا جاري ڪيا، جڏهن ته ڪاغذن ۾ پورا 42 ارب رپيا خرچ ڏيکاري پئسا هڙپ ڪيا ويا ۽ وسيلا نه هجڻ سبب اهلڪار روزانو پنهنجون جانيون وڃائي رهيا آهن. ان کان علاوه، 3,000 کان وڌيڪ دهشتگردي جا ڪيس التوا ۾ آهن، پر ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ملي سگهي. خواجه آصف فنڊ نه ملڻ جي پي ٽي آءِ جي الزامن کي مڪمل رد ڪندي  2010ع کان 2025ع تائين وفاق طرفان خيبرپختونخواهه کي فراهم ڪيل 8.5 کرب (8,504 ارب) روپين جا تفصيلي مالياتي دستاويز جاري ڪري ڇڏيا. انهن انگن اکرن موجب، 7 هين اين ايف سي ايوارڊ تحت 5,867 ارب رپيا دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ ورڇ جوڳي پول جي هڪ سيڪڙو مان 705 ارب رپيا، ضم ٿيل ضلعن لاءِ 704 ارب رپيا، سڌي ريت منتقلي (رائلٽيز جي ڊي ايس) جي مد ۾ 482.78 ارب رپيا، بي آءِ ايس پي خرچن جي مد ۾ 481.43 ارب رپيا، بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) لاءِ 117.16 ارب رپيا ۽ اين ايف سي جي تازي قسط ۾ 46.44 ارب رپيا صوبي کي ڏنا ويا. هن چيو ته فنڊن جي ڪا به کوٽ ناهي پر ڪرپشن ۽ ڪمزور حڪمراني وسيلن جي اثر کي ضايع ڪري رهي آهي. دفاع واري وزير پي ٽي آءِ قيادت کان سوال پڇيو ته ڇا انهن ڪڏهن فرنٽ لائنز ۽ فوجي چوڪين جا دورا ڪيا آهن؟ ڇا ڪڏهن شهيدن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي؟ ضم ٿيل ضلعن ۾ ڪيترائي پوليس ٿاڻا ۽ عدالتون فعال ڪيون ۽ دهشتگردي تي ڪيترا ايپڪس ڪميٽي جا اجلاس گهرايا ؟ هن ياد ڏياريو ته رياست جي بنيادي حڪمت عملي هولڊ، بلڊ اينڊ ٽرانسفر آهي. فوج پنهنجي جانيون ڏئي علائقي کي محفوظ ۽ ڪليئر بڻايو، پر پي ٽي آءِ جي  صوبائي حڪومت ۽ سول انتظاميا انهن علائقن جو انتظام سنڀالڻ ۽ ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي.

مزید خبریں