حيدرآباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿرپارڪر جي غير معمولي ترقي اختيارن جي منتقلي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ثمرن جو روشن مثال آهي. هو سومر ڏينهن ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ پاڪستان جي پهرين ڪوئلو خشڪ ڪندڙ يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، اسيمبلي …
بلاول ڀٽو پاران پاڪستان جي پهرين ڪوئلو خشڪ ڪرڻ واري يونٽ جو افتتاح، ٿر جي ترقياتي ماڊل کي سڄي ملڪ ۾ اختيار ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
حيدرآباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿرپارڪر جي غير معمولي ترقي اختيارن جي منتقلي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ثمرن جو روشن مثال آهي. هو سومر ڏينهن ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ پاڪستان جي پهرين ڪوئلو خشڪ ڪندڙ يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، مڪاني ادارن جي نمائندن، پارٽي عهديدارن، ڪارڪنن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن پنهنجي اکين سان ٿر ۾ تبديلي ڏٺي آهي اها پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. ٿرپارڪر ۾ نه رڳو انفراسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ئي نه پر هر لحاظ کان نمايان ترقي ٿي آهي ۽ اڄ پورو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ته ٿر ڪٿان کان ڪٿي پهتو آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر پاڪستان جي نظام، 1973ع جي آئين ۽ 18 هين آئيني ترميم جي ڪاميابي جو نمايان مثال آهي. اسلام آباد کي گهرجي ته ٿر جي تجربي مان فائدو کڻي ۽ ان ڪامياب ترقياتي ماڊل کي ملڪ جي ٻين حصن ۾ به هٿي ڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿرپارڪر ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بجلي جي پيداوار اڳ 600 ميگاواٽ هئي، جيڪا هاڻي وڌي 2,000 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي. ٿر مان قومي گرڊ کي اٽڪل 14 سيڪڙو بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ اها بجلي گهٽ قيمت تي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان ملڪي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿي رهي آهي. سندس مطابق، ٿر جي ڪوئلي جي ڪري پاڪستان جا اٽڪل 1.6 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو بچي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ٿرپارڪر جي شاگردن جي تعليمي ڪاميابين جي ساراهيندي چيو ته ٿر جهڙن علائقن جا ٻار ملڪ جي اهم امتحانن ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٿر جي هڪ شاگرد چين ۾ ٿيل امتحان ۾ به شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪا پوري پاڪستان لاءِ فخر جو باعث آهي. هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ سميت مختلف اهم امتحانن ۾ ٿر جي ٻارن جي شاندار ڪارڪردگي اطمينان بخش آهي ۽ اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مناسب موقعا ۽ سهولتون موجود هجن ته ڏورانهن علائقن جا ٻار به پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪري سگهن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري ٿر ۾ پيدا ٿيل روزگار جي موقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ ۾ 94 سيڪڙو ملازمن جو تعلق سنڌ جڏهن ته 60 سيڪڙو ملازمن ٿرپارڪر ضلعي سان آهن. هن چيو ته اهڙي طرح ٿر جي قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن زور ڀريو ته جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ اختيارن جي منتقلي ترقي ۽ ڪاميابي جو موثر ماڊل ثابت ٿيا آهن ته پوءِ ساڳئي ماڊل کي سڄي ملڪ ۾ هٿي ڏيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن هو پرڏيهي وزير هو ته هو ٿر جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي هتي وٺي آيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم ٿر جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ تي زور ڀريو هو، جنهن کان پوءِ ٿر جي پيداواري صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو ۽ مستقبل ۾ ان کي وڌيڪ وڌايو ويندو. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان هاڻي صرف بجلي پيدا نه پئي ڪئي وڃي پر ان جو استعمال مختلف رخن تي ڪيو پيو وڃي. ٿرڪول مان فرٽيلائيزر جي پيداوار ۽ ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ جي منصوبن تي پڻ ڪم جاري آهي ته جيئن ٿر جي وسيلن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي فرٽيلائيزر جي کوٽ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو حوالو ڏيندي لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ پيدا ڪرڻ جي منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ان جو جلد افتتاح ڪري پيداوار کي مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته ٿر جي تجربي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مقامي وسيلن، جديد ٽيڪنالاجي، نجي شعبي جي ڀائيواري ۽ اثرائتي حڪومتي پاليسين کي گڏ ڪري وڏا ترقياتي هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ڪاروباري برادري کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته جهڙي طرح پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٿرپارڪر ۾ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن، ان ماڊل کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پڻ هٿي ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪيترائي منصوبا منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي مرحلن ۾ آهن، جن ذريعي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ترقي، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا. هن ڪراچي ۾ ڪارنيش منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت ان کي ڊي ايڇ اي جي سهڪار سان تيار ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. هن چيو ته دبئي ۾ ڊي آءِ ايف سي جي طرز تي ڪراچي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ انويسٽمينٽ زون قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، جنهن جو مقصد ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي ڪاروباري برادري جو اعتماد حاصل ڪرڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٺٽي جي ڪيٽي بندر ۾ به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بندرگاهه قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. هن سڄي پاڪستان جي ڪاروباري برادري کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪيترن ئي منصوبن ۽ موقعن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان نجي شعبي سان گڏوگڏ ملڪ جي معيشت ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته حڪومت، نجي شعبي ۽ عوام گڏيل تعاون ۽ جذبي سان ڪم ڪري ته نه رڳو سنڌ ۾ ترقي جي رفتار تيز ڪري سگهجي ٿي پر پوري پاڪستان جي ترقي کي به هٿي ڏئي سگهجي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري ٿر جي عوام، ڪارنن ۽ نوجوانن جو ٿورو مڃيندي چيو ته ٿر جنهن محنت ۽ عزم سان ترقي جو سفر طئي ڪيو آهي اهو پاڪستان لاءِ هڪ فخر جو ڳو مثال آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ٿرڪول بلاڪ ون جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان جي پهرئين ڪوئلو خشڪ ڪندڙ يونٽ جو افتتاح ڪيو، بعد ۾ اسلام ڪوٽ پهچڻ تي هن ٿرفائونڊيشن اسپتال ۽ ٿرڪول بلاڪ ٽو جو دورو ڪيو، ٿرڪول بلاڪ ٽو جي دوري جي موقعي تي کيس ڪوئلي جي کاڻين جي واڌ جي ٽئين مرحلي بابت بريفنگ ڏني وئي. هن مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن، عورتن، ملازمن ۽ مقامي ملازمن سان ملاقات ڪئي. هن سئو ايڪڙن تي ٻڌل زرعي تحقيقي ايراضي جو به معائنو ڪيو، جتي کاري پاڻي مان گاهه پوکڻ جي منصوبي تي کيس بريفنگ ڏني وئي.










