سنڌ گورنر جي صوماليا ۾ قزاقن هٿان شهيد سيد ڪاشف عمر جي جنازي نماز ۾ شرڪت

ڪراچي- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جامع مسجد غوث الاعظم ۾ صوماليا ۾ قزاقن هٿان شهيد ٿيل سيد ڪاشف عمر جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.گورنر سنڌ شهيد سيد ڪاشف عمر جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪئي.سيد محمد نهال هاشمي شهيد جي وارثن سان ملاقات ڪري دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيد جي والد ۽ پٽ سان …

ڪراچي- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جامع مسجد غوث الاعظم ۾ صوماليا ۾ قزاقن هٿان شهيد ٿيل سيد ڪاشف عمر جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.گورنر سنڌ شهيد سيد ڪاشف عمر جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪئي.سيد محمد نهال هاشمي شهيد جي وارثن سان ملاقات ڪري دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيد جي والد ۽ پٽ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪندي ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي همدردي جو يقين ڏياريو.گورنر چيو ته صوماليا ۾ پاڪستاني شهرين جي شهادت انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو آهي. سڄي قوم شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.هن شهيد جي وارثن لاءِ صبرِ ۽ شهيد لاءِ الله تعاليٰ کان درجن جي بلندي جي دعا ڪئي.

مزید خبریں