پاڪستان ۽ سريلنڪا ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا انڊر 17 ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ هڪ 3 ڏينهن واري ۽ 5 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون، جنهن لاءِ امپائرز ۽ ميچ ريفريز جون ذميواريون به طئي ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا انڊر 17 ٽيمن وچ ۾ 3 ڏينهن واري ميچ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين ملتان ڪرڪيٽ …

لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا انڊر 17 ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ هڪ 3 ڏينهن واري ۽ 5 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون، جنهن لاءِ امپائرز ۽ ميچ ريفريز جون ذميواريون به طئي ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا انڊر 17 ٽيمن وچ ۾ 3 ڏينهن واري ميچ 9 کان 11 آڪٽوبر تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ان ميچ ۾ امتياز اقبال ۽ ثاقب خان آن فيلڊ امپائرز جي ذميواريون انجام ڏيندا، جڏهن ته ميچ جي ٻيا آفيشلز به مقرره شيڊول مطابق پنهنجي ذميواريون نڀائيندا. 3 ڏينهن واري ميچ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچز جي سيريز به کيڏي ويندي. ون ڊي ميچون 15 کان 24 آڪٽوبر تائين جاري رهنديون ۽ انهن مقابلن لاءِ اقبال شيخ کي ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ سريلنڪا انڊر 17 ٽيمن جي اها سيريز نوجوان رانديگرن لاءِ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو اهم موقعو هوندي. جڏهن ته ميچ آفيشلز جي مقرري سان سيريز جي انتظامن کي به حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ملتان ۾ ٿيندڙ ان مقابلن ۾ ٻئي ٽيمون بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ميدان ۾ لهنديون.

مزید خبریں