اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته صوماليه جي سمنڊ ڪناري ويجهو هاءِ جيڪ ٿيندڙ ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جي باقي 3 ميمبرن کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ايم …
صوماليه جي سمنڊ ڪناري ويجهو هاءِ جيڪ ٿيندڙ ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جي باقي 3 ميمبرن کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي: سينيٽر اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته صوماليه جي سمنڊ ڪناري ويجهو هاءِ جيڪ ٿيندڙ ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جي باقي 3 ميمبرن کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جي باقي 3 ميمبرن عمران علي، محمد ياسين ۽ سيد حسين يوسف کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي ۽ انهن کي جيوتي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ ٽيم سان گڏ اديس ابابا جي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عملي جي ٽن ميمبرن جو اديس ابابا ۾ استقبال ڪيو ويندو جتان اهي ايٿوپين ايئرلائينز جي ڪراچي ويندڙ پهرين دستياب اڏام جي ذريعي پاڪستان روانا ٿيندا جيڪا 7 آڪٽوبر تي متوقع آهي. نائب وزيراعظم صوماليه جي حڪومت ۽ ايم ٽي آنر 25 جي ويجهو موجود يورپي يونين نيول فورس آپريشن اٽلانٽا جا عملي جي آزادي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ۽ تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان سامونڊي قزاقي جي خلاف جنگ ۽ عالمي سامونڊي رستن جي سلامتي ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ ٻطرفو ۽ گهڻ رخو تعاون مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.











