راولپنڊي ۾ هيرو ٽيچر ايوارڊز تقريب، استاد قوم جا هيروز، نئين نسل جي تعليم ۽ ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي راولپنڊي جي اهتمام هيٺ استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي “هيرو ٽيچر ايوارڊ تقريب” گورنمينٽ گرلز هايئر سيڪنڊري اسڪول نمبر 1، باغ سرداران ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ اطلاعات ۽ ثقافت پنجاب جي پارلياماني سيڪريٽري شازيه رضوان بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد استادن جي …

اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي راولپنڊي جي اهتمام هيٺ استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي “هيرو ٽيچر ايوارڊ تقريب” گورنمينٽ گرلز هايئر سيڪنڊري اسڪول نمبر 1، باغ سرداران ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ اطلاعات ۽ ثقافت پنجاب جي پارلياماني سيڪريٽري شازيه رضوان بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد استادن جي محنت، لڳاءُ، جذبي ۽ تعليم جي شعبي ۾ انهن جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو. ان موقعي تي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ استادن کي هيرو ٽيچر ايوارڊاز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري خطاب ڪندي استادن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته استاد قوم جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. استاد نئين نسل کي علم جي روشني کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ انهن جي شخصيت ۽ ڪردارسازي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته استاد معاشري جا حقيقي معمار آهن ۽ انهن جي محنت ۽ خلوص سان ئي باشعور، باصلاحيت ۽ ذميوار شهري بڻجن ٿا. استادن جي خدمتن جو اعتراف ۽ انهن جي حوصلا افزائي تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ اهم آهي. شازيه رضوان چيو ته استاد ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇو ته اهي نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ انهن جي ڪردارسازي پڻ ڪن ٿا. هڪ بهترين استاد رڳو ڪتابي علم منتقل نه ٿو ڪري پر شاگرد جي شخصيت، سوچ ۽ مستقبل جي تعمير ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته استاد قوم جا حقيقي هيروز آهن ۽ انهن جي خدمتن کي جيترو به ساراهيو وڃي گهٽ آهي. پنجاب حڪومت تعليم جي شعبي جي بهتري، استادن جي حوصلا افزائي ۽ شاگردن کي بهتر تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين استادن جي مقام ۽ مرتبي ۽ انهن جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيون جن کي شرڪت ڪندڙن ڀرپور ساراهيو. تقريب ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايجوڪيشن راولپنڊي محمد ياسين، ڊائريڪٽر ڪاليجز، ضلعي راولپنڊي جي مختلف تعليمي ادارن سان تعلق رکندڙ استادن، هيڊ ٽيچرز ۽ هيڊز آف اسڪولز شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ استادن ۾ هيرو ٽيچر ايوارڊز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.

مزید خبریں