اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اهم اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن بورڊ 9 ڪمپنين کي پري ڪواليفائي ڪري ورتو. نجڪاري واري وزارت جي ترجمان موجب نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 259 هون اجلاس سومر ڏينهن منعقد ٿيو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) جي 51 مان 100 سيڪڙو شيئرز ۽ انتظامي …
نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اهم اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن بورڊ 9 ڪمپنين کي پري ڪواليفائي ڪري ورتو. نجڪاري واري وزارت جي ترجمان موجب نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 259 هون اجلاس سومر ڏينهن منعقد ٿيو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) جي 51 مان 100 سيڪڙو شيئرز ۽ انتظامي ڪنٽرول جي منتقلي لاءِ 11 درخواستون مليون هيون جڏهن ته پري ڪواليفائي ٿيل ڪمپنين ۾ ترڪيه جون 3 ڪمپنيون ۽ پاڪستان 6 ڪاروباري گروپس شامل آهن. ترڪيه جي ايڪٽور اليڪٽرڪ، گينويرا انرجي ۽ چنگيز انرجي، پري ڪواليفڪيشن جي مرحلي ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا جڏهن ته پاڪستان مان اينگرو انرجي، حب پاور، سفائر، شيرازي انويسٽمينٽس، آرٽسٽڪ ملنرز ۽ اي ڪي ڊي سيڪيورٽيز ڪواليفائي ڪري ورتو. واضح رهي ته ڪي اليڪٽرڪ گيپڪو جي نجڪاري جي ڊور ۾ پنهنجي درخواست باضابطه طور واپس وٺي ڇڏي جڏهن ته الشريف ڪنٽريڪٽنگ گهربل دستاويز فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. پري ڪواليفائي ڪندڙ 9 ڪمپنيون جلد ورچوئل ڊيٽا روم ذريعي ڊيوڊيليجنس جو عمل شروع ڪنديون. اجلاس دورن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي ۽ نجڪاري ڪميشن بورڊ ٽنهي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهڙي طر زيڊ ٽي بي ايل ۽ ايڇ بي ايف سي ايل جي نجڪاري جو عمل به تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نجڪاري ڪميشن ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز کي ٻنهي ادارن جي نجڪاري فاسٽ ٽريڪ تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نجڪاري ڪميشن بورڊ ان عزم کي ورجايو ته نجڪاري جي سموري عمل کي شفاف، چٽاڀيٽي وارو ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو.











