اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ايڪسپريس وي سروس روڊ پراجيڪيٽ جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ جاري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. دوري دوران وفاقي وزير منصوبي جي رستي ۾ ايندڙ يوٽيليٽيز جي منتقلي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن سي ڊي اي …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران اسلام آباد ايڪسپريس وي سروس روڊ پراجيڪيٽ جو دورو، يوٽيليٽيز جي منتقلي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ايڪسپريس وي سروس روڊ پراجيڪيٽ جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ جاري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. دوري دوران وفاقي وزير منصوبي جي رستي ۾ ايندڙ يوٽيليٽيز جي منتقلي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن سي ڊي اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو يوٽيليٽيز جي بنا دير منتقلي لاءِ فوري طور سئي گئس عملدارن سان رابطو ڪن ۽ ان سلسلي ۾ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. محسن نقوي پراجيڪٽ ۾ اڳڀرائي تيز ڪرڻ لاءِ ورڪ فورس ۽ مشينري جو انگ فوري طور وڌائڻ جو حڪم پڻ ڏنو. هن واضح ڪيو ته ڪم جي رفتار کي وڌائي منصوبي کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي.











