پشاور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، استادن کي قوم جي مستقبل جي تعمير ۽ نئين نسل جي ڪردار سازي ۾ اهم ڪردار جو حامل قرار ڏيندي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميڊيا کي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق …
جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ به استاد جو ڪردار اهم آهي: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، استادن کي قوم جي مستقبل جي تعمير ۽ نئين نسل جي ڪردار سازي ۾ اهم ڪردار جو حامل قرار ڏيندي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميڊيا کي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ به استاد جو ڪردار اهم آهي، ڇو ته شاگرد جي اخلاقي تربيت، رهنمائي ۽ شخصيت سازي ۾ استاد جو ڪو متبادل ناهي. هن ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيڻ وارن استادن جي ڪاوشن کي به ساراهيو. هن چيو ته معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استادن جي جديد تربيت ۽ پيشيواراڻي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو.











