اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق استادن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته تعليم يافته، باشعور ۽ مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ استادن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته استاد نئين نسل کي علم ۽ شعور سان تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ کين انهن جي قومي ذميوارين ۽ فرضن کان به آگاهه ڪندا آهن. هن …
تعليم يافته، باشعور ۽ مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ استادن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق استادن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته تعليم يافته، باشعور ۽ مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ استادن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته استاد نئين نسل کي علم ۽ شعور سان تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ کين انهن جي قومي ذميوارين ۽ فرضن کان به آگاهه ڪندا آهن. هن استادن جي خدمتن کي قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن انهن خيالن جو اظهار استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال سڄي دنيا ۾ 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استادن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي استادن کي جديد تعليمي نظام، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق سان هم آهنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ سازگار تدريسي ماحول ۽ ضروري سهولتن جي فراهمي به يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته هڪ مضبوط تعليمي نظام ذريعي باشعور، تعليم يافته ۽ باصلاحيت معاشري جي جوڙجڪ ممڪن آهي، جيڪو ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ ضروري آهي. اسپيڪر چيو ته استادن جي مسئلن جي حل، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن پيشيواراڻين صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ موثر قدم وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته پارليامينٽ استادن جي حقن جي تحفظ، تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ بهتر تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته استاد علم جي روشني ڦهلائڻ ۽ معاشري جي فڪري ۽ اخلاقي بنياد مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته استادن جي خدمتن جو اعتراف ۽ سندن احترام کي هٿي ڏيڻ هڪ مهذب ۽ تعليم دوست معاشري جي سڃاڻپ آهي. هن استادن کي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن محنت ۽ رهنمائي نئين نسل جي ڪاميابي ۽ ملڪ جي روشن مستقبل جي ضامن آهي.










