عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ

لنڊن - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪٿي آهي، جنهن جو وڏو سبب وچ اوڀر ۾ ڪچي تيل جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ گروپ سيون (جي-7) ملڪن پاران هنگامي تيل ۽ ڊيزل ذخيرا جاري ڪرڻ جو فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي. ميڊيا مطابق آمريڪا جي ايران خلاف جنگ دوران نار فارس جي تيل جي بنيادي ڍانچي بابت خدشن باوجود …

لنڊن – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪٿي آهي، جنهن جو وڏو سبب وچ اوڀر ۾ ڪچي تيل جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ گروپ سيون (جي-7) ملڪن پاران هنگامي تيل ۽ ڊيزل ذخيرا جاري ڪرڻ جو فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي. ميڊيا مطابق آمريڪا جي ايران خلاف جنگ دوران نار فارس جي تيل جي بنيادي ڍانچي بابت خدشن باوجود اضافي سپلاءِ جي امڪانن مارڪيٽن جي خدشن ۾ گهٽتائي پيدا ڪئي. ان جي نتيجي ۾ برينٽ ڪچي تيل جي فيوچر معاهدن جي قيمت 66 سينٽ گهٽجي 101.59 ڊالرز في بيرل ٿي وئي جڏهن ته آمريڪي ڪچو تيل 95 سينٽ گهٽتائي کان پوءِ 90.12 ڊالرز في بيرل تي اچي ويو. اها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ته جمعي تي جي-7 ملڪن هنگامي ذخيرن مان 100 ملين بيرل ڊيزل ۽ ڪچو تيل جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.