عوامي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن: قومي اسيمبلي ميمبر سردار رسول بخش چانڊيو

ٽنڊو محمد خان- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، عوام کي درپيش مسئلا سندن دَر تي حل ڪرڻ اسان جو مشن آهي. اها ڳالهه هن ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ حاجي صوبو خان چانڊيو ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي منعقد کليل عوامي ڪچهري کي خطاب دوران ڪئي. هن عوامي مسئلا ٻڌا بعد ۾ انهن …

ٽنڊو محمد خان- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، عوام کي درپيش مسئلا سندن دَر تي حل ڪرڻ اسان جو مشن آهي. اها ڳالهه هن ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ حاجي صوبو خان چانڊيو ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي منعقد کليل عوامي ڪچهري کي خطاب دوران ڪئي. هن عوامي مسئلا ٻڌا بعد ۾ انهن جي فوري حل جا حڪم جاري ڪيا. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي شهيد راڻي جي مشن تي گامزن آهي، عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن.