لاهور- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آچر تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سندن رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ مامي اڪمل حسين نقوي جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، گهرو وزير جي مامي اڪمل حسين نقوي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحوم لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سندس درجن جي بلندي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي گهر آمد، سندس مامي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

مزید خبریں
لاهور- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آچر تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سندن رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ مامي اڪمل حسين نقوي جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، گهرو وزير جي مامي اڪمل حسين نقوي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحوم لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. ملاقات دوران گهرو وزير، وزيراعظم کي گذريل ڏينهن ٿيل اهم ڳالهين ۽ ان جي اڳڀرائي جي حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني.











