اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر مملڪت آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ ۽ فتنه الخواج جي اهم دهشتگردن کي …
صدر پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر مملڪت آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ ۽ فتنه الخواج جي اهم دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي. صدر مملڪت چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۽ مقامي سهولتڪارن جي مدد سان سرگرم عمل دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته عزم استحڪام ويزن تحت فتنه الخوارج خلاف ڪارروائيون پوري طاقت سان جاري رهنديون. صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون، پوري قوم ملڪ جي بهادر پٽن کي ملڪي امن ۽ سلامتي لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ تي سلام پيش ڪري ٿي.










