سيڪيورٽي فورسز جي  ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪارروائي فتنه الخوارج جا 8 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخواه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عزم استحڪام ويزن تحت فتنه الخوارج خلاف اثرائتين ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران  فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب خيبر پختونخواه جي ڊيره اسماعيل خان واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، …

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخواه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عزم استحڪام ويزن تحت فتنه الخوارج خلاف اثرائتين ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران  فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب خيبر پختونخواه جي ڊيره اسماعيل خان واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا جن ۾ 3 انتهائي گهربل دهشتگرد پڻ شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ آيو آهي. سيڪيورٽي فورسز عزم استحڪام ويزن تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پر عزم آهي.