لاهور- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صوماليه ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمي پاڪستانين جي حفاظت سان وطن واپسي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا ويا آهن، چئن زخمي پاڪستاني شهرين کي ايٿوپين ايئر لائين ذريعي ڪراچي روانو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب فوت ٿي ويل 3 پاڪستانين جا مڙه پڻ ان اڏام ذريعي ڪراچي پهچندا. ايٿوپيا …
وزيراعظم جي هدايت تي صوماليه ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمي پاڪستانين جي وطن واپسي لاءِ قدم

مزید خبریں
لاهور- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صوماليه ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمي پاڪستانين جي حفاظت سان وطن واپسي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا ويا آهن، چئن زخمي پاڪستاني شهرين کي ايٿوپين ايئر لائين ذريعي ڪراچي روانو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب فوت ٿي ويل 3 پاڪستانين جا مڙه پڻ ان اڏام ذريعي ڪراچي پهچندا. ايٿوپيا ۾ پاڪستان جي سفير عاطف عزيز ۽ جبوتي ۾ پاڪستان جي سفير اقصيٰ نواز اديس ابابا ايئر پورٽ تي زخمي پاڪستانين ۽ فوت ٿي ويلن جا مڙه ڪراچي روانا ڪيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي واري عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي.










