حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي عظيم الشان فتح جي نشاني” يادگار فتح“ تي پر وقارتقريب منعقد

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر(اي پي پي) حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي عظيم الشان فتح جي نشاني”يادگار فتح“ جي مهورت واري پر وقار عوامي تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا قوم جي عزم ۽ شجاعت جي روشن تاريخ جو نشان آهي. حق جي ويڙهه جي ياد  شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت جي نشاني آهي. سڌ سماءَ واري وزارت ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ٿيل تقريب ۾ …

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر(اي پي پي) حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي عظيم الشان فتح جي نشاني”يادگار فتح“ جي مهورت واري پر وقار عوامي تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا قوم جي عزم ۽ شجاعت جي روشن تاريخ جو نشان آهي. حق جي ويڙهه جي ياد  شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت جي نشاني آهي. سڌ سماءَ واري وزارت ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ٿيل تقريب ۾ وطن جي دفاع جي عظيم داستان جي عڪاسي ان يادگار کي هاڻي عوام لاءِ کولي ڇڏيو آهي. پرجوش ۽ رنگا رنگ تقريب ۾ موسيقي جو پروگرام ۽ شاندار پروجيڪشن ميپنگ شو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ حق جي ويڙهه ۾ فتح کي اجاگر ڪيو ويو. پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ يادگار فتح تي عوام جي تمام وڏي رش هئي. عوام جوش جو مظاهرو ڪندي هزارن جي تعداد ۾ يادگار فتح تي پهتو. ان موقعي تي ٻارن جي هٿن ۾ جهنڊا، بزرگن جي اکين ۾ ڳوڙها ۽ هر دل ۾ فخر نمايان محسوس ٿي رهيو هو. يادگار فتح عوام لاءِ کُلي ته ايئن محسوس ٿيو ڄڻ پورو پاڪستان هڪ جاءِ تي گڏ ٿيو آهي. مبصرن موجب يادگار فتح جو اهو بي مثال منظر صرف هڪ ڏينهن جو جشن نه پر هڪ نئين دور جي شروعات آهي.قوم اهو عزم ڪيو آهي ته هاڻي صرف ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن رهنداسين ۽ پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي بلند مقام ڏيارينداسين. اکين ڏٺن شاهدن موجب يادگار فتح تي شهرين جي رش، اڀ ڏاريندڙ نعرا ۽ جذبي سان ڀرپور آمد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام ۽ ان جي محافظن وچ ۾ محبت، اعتماد جو رشتو ناقابل تسخير آهي جنهن کي ڪا به سازش ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي اسلام آباد جي فضا ۾ احتجاج جا نعرا نه پر پاڪستان زنده باد جا نعرا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا.يادگار فتح عوام لاءِ کُلي ته قوم ترقي، استحڪام ۽ فتح جي رستي تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ سماجي ۽ سياسي شخصيتن سميت راندين جي دنيا مان چاچا ڪرڪيٽ ۽ ٻيا نمايان رانديگر پڻ موجود هئا. پاڪستان شطرنج فيڊريشن جي سربراه ذيشان نقوي شطرنج گولڊ ميڊل حاصل ڪيل رانديگرن سان گڏ تقريب ۾ موجود هو. تقريب ۾ مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين  جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ  واري وزارت جي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو ته ” يادگار فتح“ جي هيءَ يادگار نشاني قوم جي ان ڪاميابي جي نشاني آهي جنهن جو بنياد جرئت، بهادري ۽ اڻٽر عزم تي رکيو ويو آهي. هن ” يادگار فتح“ جي افتتاح کي قوم ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فخر جوڳو لمحو قرار ڏنو. تقريب دوران پروجيڪشن ميپنگ ٽيڪنالاجي ذريعي شرڪت ڪندڙن کي  يادگار فتح جي تعمير جي شروعات کان تڪميل تائين جي سفر کي اجاگر ڪيو ويو. دستاويزي فلم ۾ ٻڌايو ويو ته يادگار ۾ پنج محراب تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي اسلام جي پنجن رڪنن جي نشاني آهن. اهي محراب پاڪستان جي پنجن ٿنڀن جي نمائندگي ڪن ٿا، جن ۾ حڪومت، عسڪري قوت، ميڊيا، عوام ۽ قومي نظريو شامل آهن. يادگار جو ڊيزائن پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ٽنهي سروسز يعني، سامونڊي، زميني ۽ هوائي فوج سان گڏوگڏ سائبر دفاع ۽ خلائي جنگ جي پڻ عڪاسي ٿئي ٿي. تقريب دوران ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽر رضا الله پاڪستاني فوج جي بهادري ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جي فوج ماضي ۾ پڻ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ دشمن کي شڪست ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هن کي پاڪستاني هجڻ تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي.ان موقعي تي چاچا ڪرڪيٽ حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته مادر وطن لاءِ هزارين جانيون قربان آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪاميابين جي ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي.