دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قرباينون ۽ خدمتون تعريف جوڳيون آهن: سردار اياز صادق

اسلا آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيشن ڪندي چيو آهي ته خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي عڪاسي ڪري ٿو. آچر تي قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ مان جاري ٿيل بيان ۾ سردار اياز صادق 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙوڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي ۽ …

اسلا آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيشن ڪندي چيو آهي ته خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي عڪاسي ڪري ٿو. آچر تي قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ مان جاري ٿيل بيان ۾ سردار اياز صادق 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙوڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته  سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي اثرائتي ڪارروائي ذريعي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو وي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ خدمتون تعريف جوڳيون آهن جڏهن ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جو ڪارروايون جاري رهنديون.