وزيراعظم پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف  ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن خلاف  سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي اثرائتي ڪارروائي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو تمام گهڻو ضروري آهي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم فتنه الخوارج جي …

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف  ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن خلاف  سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي اثرائتي ڪارروائي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو تمام گهڻو ضروري آهي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.