خيبر پختونخوا جي حڪومت 72 ڪلاڪن اندر لکت واري معاهدي تي صحيحن ۽ عملدرآمد جو منصوبو جمع ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو هو: وفاقي گهر وزير

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته خيبر پختونخوا جي حڪومت 72 ڪلاڪن اندر لکت واري معاهدي تي صحيحين ۽ عملدرآمد جو منصوبو جمع ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو هو.  آچر ڏينهن ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو زوير محسن نقوي چيو ته معاهدي ۾ پوليس ايڪٽ 2026 تي سيڪيورٽي صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن کي سياسي مداخلت کان محفوظ رکڻ جي …

اسلام آباد- 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته خيبر پختونخوا جي حڪومت 72 ڪلاڪن اندر لکت واري معاهدي تي صحيحين ۽ عملدرآمد جو منصوبو جمع ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو هو.  آچر ڏينهن ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو زوير محسن نقوي چيو ته معاهدي ۾ پوليس ايڪٽ 2026 تي سيڪيورٽي صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن کي سياسي مداخلت کان محفوظ رکڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ، صوبي ۾ دهشتگردن جي آزاد سرگرمين ۽ محفوظ پناه گاهن کي ختم ڪرڻ، ٽي ٽي پي، ٽي ٽي اي ۽ ٻين سمورن دهشتگرد گروپن جي مذمت ۽ افغان پناهگيرن بابت قومي پاليسي، جنهن ۾ خيبر پختونخواه مان افغان ڪيمپن جو خاتمو ۽ حمايت شامل هئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته معاهدي ۾ عارضي افغان حڪومت سان ڪنهن به قسم جا رابطا نه رکڻ، دهشتگردي جي روڪٿام وارين ڪارروائين، پوليس لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ، دهشتگردي جي روڪٿام وارن قدمن جي مڪمل صوبائي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ فوج سان سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، اڳوڻي فاٽا ۽ ضم ٿيل ضلعن مان دهشتگردي جي روڪٿام جي حوالي سان فيصلا ڪرڻ ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ شامل هو، جڏهن ته گذريل رات ڳالهين جي آخري مرحلي دوران ڪي پي ڪي حڪومت انهن واعدن کان پوئتي هٽي وئي. هن چيو ته صوبو جنگ واري صورتحال جو شڪار آهي ان لاءِ سيڪيورٽي کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي.