اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ بار بار ايندڙ قدرتي آفتن جي خلاف پاڪستان جي مزاحمتي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ جوائنٽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جوائنٽ پاڪ گلوبل ٽيڪ فيسلٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس، قدرتي آفتن جي خلاف پاڪستان جي مزاحمتي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ بار بار ايندڙ قدرتي آفتن جي خلاف پاڪستان جي مزاحمتي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ جوائنٽ پاڪ گلوبل ٽيڪ فيسلٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين اجلاس کي اين اي او سي جي آفتن جي نگراني، اڳواٽ وارننگ، تياري ۽ ٺوس ردعمل ۾ ڪردار تي بريفنگ ڏني. هن اين ڊي ايم اي جي نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي منصوبي ۽ موثر آفتن جي انتظام ۾ عالمي تعاون جي لاءِ گلوبل ريزيلينس حب قائم ڪرڻ جي منصوبن جو پڻ خاڪو پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ پاڪستان جي حساسيت جي ڪري بار بار ايندڙ قدرتي آفتن جي خلاف پاڪستان جي مزاحمتي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي موثر استعمال جو مطالبو ڪيو ته جيئن سمورو ڌيان ردعمل تي ٻڌل رويي سان اڳواٽ وارننگ ۽ تياري طرف منتقل ڪري سگهجي. هن طئي ٿيل منصوبن جي موثر ۽ ٺوس لاڳو تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت، ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سينيئر آفيسرن کانسواءِ اين ڊي ايم اي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.










