ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن 311 ملين ڊالرن (تقريباً 87 ارب رپين) جي لاڳت سان سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس پروجيڪٽ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، پاڻي جي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.وزيراعليٰ هائوس ۾ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران 311 ملين ڊالرن جي لاڳت سان سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس پروجيڪٽ جو افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن 311 ملين ڊالرن (تقريباً 87 ارب رپين) جي لاڳت سان سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس پروجيڪٽ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، پاڻي جي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.وزيراعليٰ هائوس ۾ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هي رڳو ترقياتي منصوبي جي شروعات نه پر سنڌ جي سامونڊي برادرين لاءِ هڪ تبديليءَ واري سفر جو آغاز آهي، جيڪي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ آبادين ۾ شامل آهن.هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي زراعت، ماهيگيري، مالداري ۽ مينگرووز جي ماحولياتي نظام لاءِ اهم آهي، پر سمنڊ جي چاڙهه، سم ۽ ڪلر، ٻوڏن ۽ سخت موسمي حالتن سبب وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته موسمياتي سگهه وڌائڻ جو مطلب ماڻهن، روزگار ۽ پيداواري اثاثن کي تحفظ ڏيڻ سان گڏ قدرتي ماحولياتي نظام جي بحالي به آهي.سنڌ حڪومت، انٽرنيشنل فنڊ فار ايگريڪلچرل ڊيولپمينٽ ، ايشيائي ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ گرين ڪلائميٽ فنڊ جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبي مان ٽنهي سامونڊي ضلعن جي 500 ڳوٺن ۾ تقريباً 196 هزار گهرن ۽ 10 لک ماڻهن کي فائدو پهچڻ جو امڪان آهي.منصوبي تحت ماحول دوست زراعت، ماهيگيري، ويليو چين جي ترقي، مالي شموليت، ڪميونٽي بنيادي ڍانچي ۽ روزگار جي وسيلن کي هٿي ڏني ويندي، جڏهن ته 43 هزار نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق مهارتن جي تربيت ۽ تقريباً 30 هزار متاثر گهرن کي معاشي گريجوئيشن پروگرام ذريعي مدد فراهم ڪئي ويندي.وڏي وزير چيو ته منصوبي جي پاڻي جي بنيادي ڍانچي واري حصي تحت اٺن وڏن ڊرينيج سسٽمن کي بحال ۽ اپگريڊ ڪيو ويندو، جن ۾ ناگن ڍورو، گهوڙا ٻاري، گهارو، پير پٺو ٻوهارا، جاتي ۽ ملڪاڻي شاخون شامل آهن. ان سان گڏ ٻوڏ کان بچاءَ جون اڏاوتون مضبوط، آبپاشي چينل بهتر ۽ مٺي پاڻي جي ذخيري ۽ زمين دوز پاڻي جي ريچارج کي وڌايو ويندو.هن چيو ته ان حصي سان تقريباً 157,130 هيڪٽر زرعي زمين تي پاڻي جي انتظام ۽ موسمياتي سگهه ۾ بهتري ايندي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ سالياني تقريباً 8.95 ارب رپين جي نقصان کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.منصوبي جي ماحولياتي حصي تحت 15 هزار هيڪٽرن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي مينگرووز ۽ 6 هزار هيڪٽرن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي اندروني ٻيلن جي پوکائي، ويٽ لينڊز جي بحالي ۽ پنها ڍنڍ جي بحالي شامل آهي، جڏهن ته فاريسٽ مينگروو ريسورس سينٽر پڻ قائم ڪيو ويندو.سنڌ جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته سامونڊي ضلعن کي غربت، ٻوڏ، سمنڊ جي چاڙهه، زرعي زمين جي تباهي ۽ موسمياتي خطرن جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ مربوط ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ضروري آهي. پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فرنانڊا ٿامس ڊا روچا چيو ته منصوبي جو مقصد سامونڊي ٻهراڙيءَ جي برادرين کي ٻوڏ، لوڻياٺ ۽ معاشي جھٽڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته منصوبي لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ عورتن ۽ نوجوانن کي خاص اهميت ڏني ويندي. اي ڊي بي جي ڪنٽري آپريشنز هيڊ نشانڪا آميلا سالگاڊو چيو ته هي منصوبو سنڌ ۾ زراعت، خوراڪ، فطرت ۽ ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ لاءِ گذريل 15 سالن کان وڌيڪ عرصي دوران ADB جي پهرين وڏي سيڙپڪاري آهي.ان موقعي تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين نجم شاهه ۽ پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر پي سي ايم يو نذير احمد ميمڻ پڻ خطاب ڪيو ۽ منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.وڏي وزير منصوبي ۾ اي ڊي بي ،آئي ايف اي ڊي ۽ جي سي ايف جي سهڪار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس پروجيڪٽ ساحلي برادرين جي تحفظ، ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ پائيدار روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.










