ڪراچي - 01 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت خانگي شعبي کي ضروري سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن ڪاروباري طبقو ملڪ جي معاشي ترقي جي اڳواڻي ڪري سگهي، حڪومت جو ڪم پاليسي ۽ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي. ٽيڪس نظام ۾ سادگي ۽ موثر عملدرآمد جي نتيجي ۾ ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو …
حڪومت جو ڌيان خانگي شعبي کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي ٻڌل آهي، ٽيڪس فائلرز جو انگ 57 لکن کان وڌي چڪو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
ڪراچي – 01 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت خانگي شعبي کي ضروري سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن ڪاروباري طبقو ملڪ جي معاشي ترقي جي اڳواڻي ڪري سگهي، حڪومت جو ڪم پاليسي ۽ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي. ٽيڪس نظام ۾ سادگي ۽ موثر عملدرآمد جي نتيجي ۾ ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو انگ 57 لک کان وڌي ويو آهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نيا ناظم آباد اپارٽمينٽ ريٽ جي حوالي سان هڪ گونگ بيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت شهرين کي رهائشي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اپنا گهر اسڪيم تحت 60 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بينڪن 340 ڪروڙ رپين جي قرضن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ مقامي سيڙپڪارن جي ڀرپور شرڪت حوصلا افزا آهي. ٻن ڪنسورشيم طرفان مجموعي طور اٽڪل 1.2 ارب ڊالر جي واڪ ۾ حصو وٺڻ ملڪي معيشت جي ڳاڻيٽي جي لحاظ کان هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وڏن ڪاروباري گروپس جي گڏيل ڀائيواري سان ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته نجي شعبو وڏن منصوبن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪاروباري ڳاڻيٽو وڌائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه جي سيڙپڪارن به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪا ۾ ٿيل ملاقاتن دوران، وڏين ڪمپنين معدني وسيلن، زراعت، آئي ٽي، تيل ۽ گئس، ۽ ريفائنري جي اپ گريڊيشن سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. هن چيو ته حڪومت جو ڪردار نجي شعبي کي گهربل ايڪو نظام فراهم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ايڪسپورٽ ڪريڊٽ ايجنسيون ۽ آمريڪي ايڪسپورٽ-امپورٽ بينڪ سان رابطا، واپاري ڳالهيون ۽ پاليسي مدد پڻ شامل آهي. نجي شعبي کي بااختيار بڻائي ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح مجموعي معيشت جي استحڪام کي مستقل بنيادن تي برقرار رکڻ آهي ته جيئن ملڪ بار بار ايندڙ لاهن چاڙهن جي چڪر مان نڪري سگهي. ماضي ۾ معاشي بحران کانپوءِ بحالي ۾ ڪيترائي سال لڳا، تنهن ڪري ساڳئي صورتحال ڏانهن واپسي ٻيهر برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته معاشي استحڪام کي پائيدار ۽ ذميواراڻي اقتصادي اوسر ۾ تبديل ڪرڻ پوندو. صرف ليڪويڊٽي وڌائي کپت تي ِٻڌل اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ مشڪل ناهي، جڏهن ته ان سان ٻيهر ادائيگين جي توازن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ کي آخري سهارو ڏيندڙ قرضن طرف رجوع ڪرڻو پوي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڍانچاجاتي سڌارا هاڻي ڊيزائن جي مرحلي مان نڪري عملدرآمد جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ڪاروباري ادارن، نجڪاري ۽ عوامي ماليات سميت مختلف شعبن ۾ سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي. ٽيڪس نظام جي سادگي ۽ اثرائتي عملدرآمد جي نتيجي ۾، ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو انگ 57 لکن کان وڌي ويو آهي، جيڪو گذريل سال اٽڪل 39 لک هو. 2022ع ۾ فائلرز جو انگ اٽڪل 18 کان 19لک هو ان مان ٽيڪس نيٽ ۾ نمايان واڌ ظاهر ٿئي ٿي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت نجي شعبي لاءِ مالياتي وسيلن تائين رسائي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ بئنڪاري شعبي سان ڪم جاري رکندي. هن چيو ته ٻطرفي ڀائيوارن طرفان مشڪل وقت ۾ تعاون ساراهه جوڳو آهي، هاڻي پاڪستان جو رخ واضح آهي ته امداد کان واپار ۽ سيڙپڪاري جي وهڪري ڏانهن منتقل ٿيڻ آهي. هن چيو ته حڪومت نئين معيشت جي گهرجن مطابق پاڪستان کي پوزيشن ڪرڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ، روانگي واپار ۾ واڌ ڪرڻ ۽ نجي شعبي کي معاشي سرگرمين جو مرڪزي محور بڻائڻ لاءِ سڌارن جو عمل جاري رکندي.










