اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم فاطمه زهرا المنصوري کي مراڪش جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي ان لاءِ عهدو سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته فاطمه زهرا المنصوري جي وزيراعظم طور مقرري مراڪش جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ۽ سياسي قيادت ۽ عوامي …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران مراڪش جي پهرين عورت وزيراعظم فاطمه زهرا المنصوري کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم فاطمه زهرا المنصوري کي مراڪش جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي ان لاءِ عهدو سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته فاطمه زهرا المنصوري جي وزيراعظم طور مقرري مراڪش جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ۽ سياسي قيادت ۽ عوامي خدمت ۾ عورتن جي ڪردار جو اعتراف آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته فاطمه زهرا المنصوري پنهنجي تجربي ۽ قائداڻي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي مراڪش جي ترقي،خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندي. سينيٽ چيئرمين ياد ڏياريو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۽ عالمِ اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن جمهوريت ۽ عوامي خدمت لاءِ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته مراڪش ۾ پهرين عورت وزيراعظم جي مقرري عالمِ اسلام ۾ عورتن جي سياسي شموليت ۽ قيادت جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، گڏيل قدرن، ويجهن پارلياماني رابطن، ۽ عوامي سطح تي مضبوط لاڳاپن تي ٻڌل آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته نئين حڪومت جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا خاص ڪري پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. سينيٽ چيئرمين مملڪت مراڪش جي حڪومت ۽ عوام لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










