آپريشن غضب اللحق: افغان طالبان حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا ٺڪاڻا، ڪئمپون ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود جا ذخيرا تباهه: اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت آپريشن غضب اللحق تحت پهرين آڪٽوبر 2026ع تي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته درست فضائي ۽ ڊرون حملن جي ذريعي افغان طالبان حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ ٻن جاين تي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا ٺڪاڻا ۽ ڪئمپ مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت آپريشن غضب اللحق تحت پهرين آڪٽوبر 2026ع تي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته درست فضائي ۽ ڊرون حملن جي ذريعي افغان طالبان حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ ٻن جاين تي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا ٺڪاڻا ۽ ڪئمپ مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ هڪ وڊيو ڪلپ پڻ شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ فضائي ۽ ڊرون حملن جي ڪارروائي ڏسي سگهجي ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ ڪئمپن ۾ ذخيرو ڪيل وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ انتهائي درست ۽ هدفي فضائي حملن جي ذريعي تباهه ڪيو ويو.

مزید خبریں