اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي عوام کي دل جي گهرائين سان قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ چين جو انتهائي اهم ڪردار آهي، سي پيڪ جي نئين فيز ۾ صنعتڪاري، خصوصي اقتصادي زونز، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات تي خاص …
عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ چين جو انتهائي اهم ڪردار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو عوامي جمهوريه چين جي قائم ٿيڻ جي 77هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب کي خطاب، چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي عوام کي دل جي گهرائين سان قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ چين جو انتهائي اهم ڪردار آهي، سي پيڪ جي نئين فيز ۾ صنعتڪاري، خصوصي اقتصادي زونز، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن عوامي جمهوريه چين جي قائم ٿيڻ جي 77هين سالگرهه جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چين جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته هي تاريخي ڏينهن عظيم چيني قوم جي ثابت قدمي، اتحاد ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ چين جو انتهائي اهم ڪردار آهي، صدر شي جن پنگ جي دورانديش قيادت ۾ چين انساني ترقي، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ بي مثال ترقي ڪئي آهي، سال 2026ع پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سفر ۾ هڪ خصوصي اهميت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پنهنجا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، اسان جون دليون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان جي دوستي سدائين وقت جي هر امتحان ڀلي اهي زلزلا هجن، طوفان هجن يا ٻوڏ، کي منهن ڏنو آهي. محمد شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه اسان جي پراڻي دوستي ۽ پنهنجي عوام جي لاءِ وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي يافته مستقبل جي گڏيل عزم جو مظهر آهي، هاڻي اسان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي سي پيڪ 2.0 ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، نئين فيز ۾ صنعتڪاري، خصوصي اقتصادي زونز، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو، زراعت جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي انتهائي خوش آئنده آهي، پاڪستان سان تعلق رکندڙ هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس جي پهرين گروپ چين ۾ پنهنجي تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي، وڌيڪ 1000 ماڻهن تي ٻڌل اڳيون گروپ چين وڃڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته اها اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن ۽ انهن جي مستقبل ۾ هڪ قيمتي سيڙپڪاري آهي، پاڪستان چين لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن، هلندڙ سال مئي ۾ صدر شي جن پنگ سان ڳالهه ٻولهه اسان جي پراڻي دوستي جي هڪ مضبوط وچن جو ورجاءُ هو، اسان ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم مفاهمت تي عملدرآمد جي لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون. هن چيو ته عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ چين جي غيرمعمولي تبديلي ۽ وڌندڙ حصيداري، سڄي دنيا جي ملڪن خاص طور تي پاڪستان کي متاثر ڪندي رهي ٿي. هن چيو ته چيني زبان جو هڪ خوبصورت قول آهي، پري ديس ۾ موجود مخلص دوست، پري جي سرزمين کي ويجهو ڪري ڇڏي ٿو، اهي لفظ اسان جي ٻنهي عظيم ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهڙائپ جي بهترين عڪاسي ڪن ٿا. هن ان پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چين سان گڏجي نئين دور ۾ گڏيل مستقبل رکندڙ، وڌيڪ ويجهي پاڪ – چيني ڪميونٽي جي تعمير طرف اڳڀرائي جاري رکندو. هن پاڪ چين دوستي زندهه آباد جو نعرو هنيو. تقريب ۾ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان هر موسم جي اسٽريٽجڪ تعاون جا حصيدار آهن، پاڪستان پنهنجي اصولي موقف، وسيع عالمي ويزن ۽ اعلى سفارتي بصيرت جي ڪري عالمي سطح تي وڌندڙ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي ۽ عالمي تعاون جي حمايت ڪئي، خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب ۾ پاڪستان جي قومي مفادن جو مضبوطي سان دفاع ڪيو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي پيش ڪيو ويو جنهن کي عالمي برادري پاران ساراهيو ويو. هن چيو ته گذريل 75 سالن جو شاندار سفر ثابت ڪري ٿو ته چين ۽ پاڪستان اهڙا دوست آهن جن خوشي ۽ ڏک ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو، پاڪستان ۽ چين هر وقت ڀائرن وانگر هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف شعبن ۾ چين پاڪستان عملي تعاون کي سدائين تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي پڻ ويجهو رابطو ۽ تعاون برقرار رهيو آهي. مارچ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ گڏيل طور تي پنج نقاطي قدم جاري ڪيو. سيپٽمبر ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ چين جي ميزباني ۾ منعقد گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (عالمي ترقياتي قدم) بابت اعلى سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ هن صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صدر شي جن پنگ چار عالمي قدم تجويز ڪيا ۽ انهن جي لاڳو کي فروغ ڏنو آهي ۽ انهن قدمن کي بنياد بڻائيندي اسان يقيني طور تي گڏيل طور تي انسانيت جي لاءِ هڪ گڏيل مستقبل تعمير ڪرڻ جي قابل ٿينداسين، اسان وزيراعظم جا دل سان ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ نئين تاريخي موڙ تي بيهي اسان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ته جيئن مختلف شعبن ۾ پنهنجي مضبوط دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان صدر شي جن پنگ ۽ پاڪستاني قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ تي عملدرآمد ڪنداسين، نئين دور ۾ چين پاڪستان گڏيل مستقبل جي وڌيڪ ويجهي معاشري جي تعمير جي ايڪشن پلان ۾ ٺوس اڳڀرائي ڪندا ۽ سياسي گڏيل اعتماد جي قوت کي تعاون ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار محرڪ ۾ تبديل ڪندا. چيني سفير چيو ته عملي تعاون کي گهرو ڪنداسين ۽ گڏيل مفاد ۽ ٻنهي ڌرين جي ڪاميابي جا نتيجا حاصل ڪنداسين. صنعت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي ٽن ترجيحي شعبن تي ڌيان ڏيندي اسان سي پيڪ 2.0 جي اعلى معيار جي ترقي کي مضبوطي سان اڳتي وڌائينداسين ۽ چين پاڪستان آزاد واپاري معاهدي جي جديد ۽ بهترين ويزن جي تياري ۾ تيزي آڻينداسين ته جيئن واپار ۽ سيرپڪاري کي تعاون جي وسيع تر شعبن ۽ گهرائي تائين وڌائي سگهجي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي جي ضرورتن کي پورو ڪريون ۽ عوامي حمايت کي مستحڪم ڪريون، عوام جي ڀلائي جا وڌيڪ ننڍا پر بهترين منصوبا شروع ڪنداسين ۽ بلوچستان ۾ صاف پاڻي جي 100 مرڪزن جي تعمير، 1000 سمارٽ ڪلاس رومز جي اپ گريڊيشن ۽ هڪ لک اسڪول ڪٽس جي ورڇ جي عمل کي تيز ڪنداسين، اسان صحت، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائينداسين ۽ يونيورسٽين، ٿنڪ ٽينڪس، نوجوانن ۽ عورتن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي سگهه ڏينداسين ته جيئن اسان جي دوستي جي بنياد کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي.









