وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذيرتارڙ سان اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وفدن جي ملاقات

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  چيو آهي ته حڪومت وڪيل برادري  جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ قانوني شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وڪيلن ۽ بارز جو پاڻ ۾ موثر رابطو قانوني ۽ عدالتي نظام جي بهتري لاءِ ضروري آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ …

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  چيو آهي ته حڪومت وڪيل برادري  جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ قانوني شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وڪيلن ۽ بارز جو پاڻ ۾ موثر رابطو قانوني ۽ عدالتي نظام جي بهتري لاءِ ضروري آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وفدن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسلام آباد بار ڪائونسل جو وفد صدر عليم عباسي ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو وفد چوڌري نعيم گجر جي اڳواڻي ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بارز ۽ وڪيل برادري کي درپيش مسئلن، قانوني پيشي، بارز  جي سهولتن ۽ وڪيلن بابت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري عدالتي نظام ۽ انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بارز ۽ وڪيلن جي تجويزن کي قانوني ۽ عدالتي سڌارن جي عمل ۾ اهميت ڏني ويندي آهي. هن وڪيل برادري جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل فورمز تي ضروري قدمن جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري قاسم عباسي، پاڪستان بار ڪائونسل جو راجا رضوان عباسي ۽ پراسيڪيوٽر جنرل منظور احمد ججه به شريڪ هئا.

مزید خبریں