قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي صدارت هيٺ گنڌارا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ 2026ع دوران گنڌارا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ حڪومت جي جاري ڪفايت شعاري مهم کي نظر ۾ رکندي گنڌارا ڪانفرنس  منعقد ڪرڻ جي امڪانن ۽ مختلف رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته موجوده …

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ 2026ع دوران گنڌارا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ حڪومت جي جاري ڪفايت شعاري مهم کي نظر ۾ رکندي گنڌارا ڪانفرنس  منعقد ڪرڻ جي امڪانن ۽ مختلف رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته موجوده ڪفايت شعاري مهم کي نظر ۾ رکندي گنڌارا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو معاملو حڪومت جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اصولي طور تي پاڪستان ۾ 2026ع دوران گنڌارا ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ لاءِ اڳڀرائي تي اتفاق ڪيو. ڪانفرنس جي انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ وڌيڪ صلاح مشورو ۽ رابطو جاري رکيو ويندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي گنڌارا ٽاسڪ فورس جي ڪوآرڊينيٽر عمران شوڪت، قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني، پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آفتاب رانا، صوبائي کاتي آثار قديمه ۽ سياحت، گهرو وزارت ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس کان اڳ، ٻڌ مت جي ورثي جي هنڌن ۽ ٻين اهم هنڌن جي حوالي سان هڪ واضح منصوبابندي ڪئي وڃي جتي عالمي شرڪت ڪندڙن ۽ سياحن جي دورن جي تجويز هجي، ته جيئن سڀئي ضروري انتظام وقت سر مڪمل ڪري سگهجن. هن عمران شوڪت کي هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن سان مشاروت ڪئي وڃي. شرڪت ڪندڙن تجويز ڏني ته ٻڌ مت جي ورثي جي هنڌن کي مشهور مذهبي ورثي جي هنڌن جي طرز تي ترقي ڏئي پيش ڪري سگهجي ٿو، جتي تحفظ،سياحتي سهولتن ۽ معلوماتي نظام کي بهتر بڻايوو ڃي ته جيئن عالمي زيارتين ۽ سياحن کي راغب ڪري سگهجي. پي ٽي ڊي سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آفتاب رانا چيو ته ڪانفرنس هڪ گهڻ رخي قدم آهي ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کان تجويزون ۽ تعاون حاصل ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌ مت جي اڪثريتي ملڪن سان سڌي طرح هوائي رابطن جا امڪان ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن زائرين لاءِ سفر ۾ آساني پيدا ٿئي.  هن چيو ته هن وقت ڪيترائي مسافر وچ اوڀر جي ملڪن ذريعي اڏامن تي ڀاڙين ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا انهن ملڪن سان اڳ ۾ ئي وسيع لاڳاپا موجود آهن، جن ۾ تعليمي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جا پروگرام شامل آهن، جڏهن ته سڌي ريت هوائي رابطا عوامي سطح جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير لاڳاپيل ٻڌمت اڪثريتي ملڪن سان پاڪستان جا سڌي ريت هوائي رابطن جي امڪانن کي ڳولڻ جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني چيو ته وزارت ڪانفرنس جي انتظامن کي جامع انداز ۾ يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين سان مشاورت ڪندي. وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس وزيراعظم جي هدايتن تي منعقد ڪئي پئي وڃي ۽ ان موقعي تي، مرڪزي ڪانفرنس سان گڏ مختلف ثقافتي ۽ قومي ورثي سان لاڳاپيل سرگرميون پڻ منعقد ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان معاشي سرگرمين ۽ آمدني کي وڌائڻ جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. وفاقي وزير پرڏيهي معاملن جي وزارت جي نمائندي کي هدايت ڪئي ته ٻڌمت اڪثريتي ملڪن ۾ قائم پاڪستاني سفارتي مشنز کان لاڳاپيل معلومات ۽ تعاون حاصل ڪيو وڃي. هن عالمي زائرين ۽ سياحن لاءِ جديد سهولتن جي فراهمي تي زور ڀريندي چيو ته مناسب رهائش، کاڌي پيتي جا انتظام ۽ تاريخي هنڌن تي ڊجيٽل يا 3D تجربن جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. عمران شوڪت چيو ته هو ڪانفرنس ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن جي حُوالي سان ٿائيلينڊ، سريلنڪا، ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ نيپال جي سفيرن سان رابطي ۾ آهي. صوبائي نمائندن وفاق طرفان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي ان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون ۽ حمايت جي خاطري ڪرائي.

مزید خبریں