اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو 20 روپيا 68 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر ۾ 244 روپيا 14 پئسا اضافي کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام جي ايل پي جي سلينڊر جي نئين …
آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو 20 روپيا 68 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر ۾ 244 روپيا 14 پئسا اضافي کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام جي ايل پي جي سلينڊر جي نئين قيمت 3 هزار 296 روپيا 23 پئسا جڏهن ته في ڪلو قيمت 279 روپيا 34 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. آڪٽوبر 2026ع لاءِ ايل پي جي جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن اوگرا جي ويب سائيٽ تي پڻ دستياب آهي. ايل پي جي جي پروڊيوسر قيمت سعودي آرامڪو ڪنٽريڪٽ پرائيس ۽ آمريڪي ڊالر جي مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح سان ڳنڍيل آهي. گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ سعودي آرامڪو – سي پي ۾ 9.9 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ڊالر جي مٽاسٽا واري شرح ۾ سراسري 0.12 سيڪڙو معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. انهن سببن جي نتيجي ۾ ايل پي جي جي صارف قيمت ۾ 11.8 ڪلوگرام جي في سلينڊر 244.14روپيا يعني 8 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته في ڪلوگرام قيمت ۾ 20.68 روپيا واڌ ٿي آهي.










