منصوبابندي واري وفاقي وزير جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات ، ايم ايل-1 کي فليگ شپ منصوبو قرار ڏئي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي: احسن اقبال

اولان باتور/ منگوليا- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر ماساتو ڪانڊا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي، علائقائي رابطاڪاري، معدني وسيلن، موسمياتي تبديلي، ايم ايل-1 ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هاڻ صرف معدنيات ڪڍڻ …

اولان باتور/ منگوليا- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر ماساتو ڪانڊا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي، علائقائي رابطاڪاري، معدني وسيلن، موسمياتي تبديلي، ايم ايل-1 ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هاڻ صرف معدنيات ڪڍڻ بدران ان کي اعليٰ قدرن جي شين ۾ تبديل ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي ۽ عالمي معدني سپلائي چين ۾ هڪ اهم ڀائيوار بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا جو اهم معدنيات کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ لاءِ ڪيئرڪ جو ڏکڻ وارو گيٽ وي بڻجي سگهي ٿو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جو عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو تمام گهٽ آهي، جڏهن ته ملڪ شديد موسمياتي خطرن کان سخت متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اي ڊي بي تي زور ڀريو ته موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کان متاثر ملڪن لاءِ ڌار مالياتي سهولت قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته 2022ع ۽ هاڻوڪي ٻوڏ دوران، عالمي برادري گهربل مالي وسيلا متحرڪ نه ڪري سگهي، جڏهن ته ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ  فراهم ڪيل وسيلا پڻ قرضن جي صورت ۾ هئا، جنهن سماجي شعبي جا منصوبا متاثر ٿيا. هن موسمياتي موافقت ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ موجوده رکيل رقم کان وڌيڪ مالي مدد جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي موسمياتي خطرن جي بروقت سڃاڻپ ۽ مالي وسيلن جي اثرائتي فراهمي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ايم ايل-1 کي پاڪستان جي اقتصادي ۽ علائقائي رابطاڪاري لاءِ اهم قرار ڏيندي احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو پيغام آهي ته ايم ايل-1 سان لاڳاپيل ضروري ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي وڃي ۽ منصوبي جو پيڙ جو پٿر جلد رکيو وڃي. هن اي ڊي بي تي زور ڀريو ته ايم ايل-1 کي پنهنجو  اهم ترين فليگ شپ منصوبو سمجهندي مڪمل تعاون فراهم ڪري. هن پاڪستان جي روانگي واپار 2035ع تائين 100 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ لاءِ اي ڊي بي سان گڏيل مطالعاتي پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي.  احسن اقبال چيو ته ترڪمانستان، افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهتر علائقائي رابطاڪاري سان ڪيئرڪ ملڪن کي گوادر تائين رسائي فراهم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ايندڙ سال ڪيئرڪ جي صدارت سنڀاليندو ۽ ايندڙ وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. ان موقعي تي، اي ڊي بي جي صدر ماساتو ڪانڊا چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي لاءِ پاليسين ۾ تسلسل، استحڪام ۽ مسلسل سڌارا ضروري آهن. هن ايم ايل ون کي پاڪستان لاءِ اهم ۽ اي ڊي بي جو فليگ شپ منصوبو قرار ڏيندي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ماساتو ڪانڊا چيو ته پاڪستان کي ايندڙ ڪيئرڪ وزارتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ اي ڊي بي کان مڪمل حمايت حاصل هوندي. احسن اقبال، پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن جو حوالو ڏيندي، ڪيئرڪ ملڪن لاءِ چٽاڀيٽي واري علائقائي مالياتي ونڊو قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني  جنهن تحت ميمبر ملڪ علائقائي اثر رکندڙ گڏيل منصوبا تيار ڪري چٽاڀيٽي جي بنيادن تي مالي مدد حاصل ڪري سگهندا. احسن اقبال چيو ته پاڪستان وچ ايشيا جي اهم معدنيات کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ لاءِ ڏاکڻي گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير، ML-1 ريلوي جي جديدڪاري منصوبي جي اهميت تي زور ڀريندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو پيغام پهچايو ته منصوبي سان لاڳاپيل طريقيڪار جي پڄاڻي تيز ڪئي وڃي ته جيئن ان جي پيڙهه جو پٿر رکي سگهجي. اي ڊي بي جي صدر يقين ڏياريو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ ايم ايل-1 کي هڪ فليگ شپ منصوبي طور تي مڪمل تعاون فراهم ڪندو ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

مزید خبریں