جعلي دوائن جو خاتمو اڻٽر آهي، جعلي دوائن جي خاتمي سان معياري فارماسيوٽيڪل صنعت جي ساک وڌيڪ مضبوط ٿيندي: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جعلي دوائن جو خاتمو اڻٽر بڻجي چڪو آهي، جعلي دوائن جي خاتمي معياري فارماسيوٽيڪل صنعت جي ساک وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ويٽرنري فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشن سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ ويٽرنري دوائن تي 2D بارڪوڊ نظام لاڳو ڪرڻ، دوائن جي ٽريس ايبلٽي ۽ جعلي ۽ غير معياري دوائن …

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جعلي دوائن جو خاتمو اڻٽر بڻجي چڪو آهي، جعلي دوائن جي خاتمي معياري فارماسيوٽيڪل صنعت جي ساک وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ويٽرنري فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشن سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ ويٽرنري دوائن تي 2D بارڪوڊ نظام لاڳو ڪرڻ، دوائن جي ٽريس ايبلٽي ۽ جعلي ۽ غير معياري دوائن کي روڪٿام جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته ويٽرنري ۽ پولٽري دوائن جي محفوظ، تصديق ٿيل فراهمي کي يقيني بڻائي پئي وڃي. دوائن تي 2D بارڪوڊ لاڳو ڪرڻ لاءِ گذريل ڏيڍ سال کان ڪم جاري آهي. هن چيو ته 2D بارڪوڊ جو نظام جعلي ۽ غير معياري وٽرنري ۽ پولٽري دوائن جي روڪٿام ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان ذريعي دوائن جي سپلاءِ چين ۾ ٽريس ايبلٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته جانورن ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون پڻ انساني صحت سان سڌي ريت جڙيل آهن. "ون هيلٿ” جي اصول تحت وٽرنري جي دوائن جي اثرائتي ضابطي ۽ نگراني کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته معياري وٽرنري دوائن جي دستيابي نه رڳو جانورن جي صحت پر انساني صحت ۽ کاڌي جي حفاظت لاءِ پڻ اهم آهي. صحت واري وزارت وٽرنري دوائن جي معيار، نگراني ۽ ٽريس ايبلٽي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں