پاڪستان جي صدارت هيٺ ايس سي او ڪائونسل آف نيشنل ڪوآرڊينيٽرز جو پهريون اجلاس پڄاڻي تي پهتو، ايس سي او ميمبر ملڪن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽرز جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات

اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي صدارت هيٺ ايس سي او ڪائونسل آف نيشنل ڪوآرڊينيٽرز جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهتو جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽرز ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي نمائندن آخري ڏينهن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان …

اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي صدارت هيٺ ايس سي او ڪائونسل آف نيشنل ڪوآرڊينيٽرز جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهتو جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽرز ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي نمائندن آخري ڏينهن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي صدارت هيٺ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي 27 – 2026 جي صدارت دوران ايس سي او ڪائونسل آف نيشنل ڪوآرڊينيٽرز (سي اين سي) جو پهريون اجلاس 28 کان 30 سيپٽمبر 2026ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت پاڪستان جي لاءِ ايس سي او جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ڪئي جڏهن ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽرز ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٽن ڏينهن واري اجلاس دوران نيشنل ڪوآرڊينيٽرز پاڪستان جي صدارت تحت طئي ٿيل سرگرمين جي پروگرام جو جائزو ورتو، اهم قدمن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ ايس سي او اجلاسن ۽ تقريبن جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان جي صدارت جي ترجيحن تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي قدم پاڪستان جي صدارت جي موضوع “تصور کي عمل ۾ تبديل ڪرڻ: رابطا، جدت ۽ گڏيل خوشحالي” موجب هوندا. طئي ٿيل پروگرام تحت ايس سي او جي وفدن ۽ سيڪريٽريٽ جي نمائندن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) جو دورو پڻ ڪيو جتي انهن کي پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ فنڪاراڻي روايتن کان آگاهه ڪيو ويو. وفد نصيربنده هاڪي اسٽيڊيم جو پڻ دورو ڪيو جتي انهن کي 20 نومبر کان 2 ڊسمبر 2026ع تائين ٿيندڙ ايس سي او هاڪي ٽورنامينٽ جي ميزباني جي انتظامن ۽ پاڪستان جي ايس سي او صدارت تحت ان يونٽ جي لاءِ ڪئي ويندڙ تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايس سي او جي صدارت جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن ۽ تنظيم جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان ويجهي تعاون جي عزم کي اجاگر ڪيو. اجلاس متفقه نتيجن سان پڄاڻي تي پهتو. شريڪ نيشنل ڪوآرڊينيٽرز ايس سي او جي هدفن جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسلسل رابطي ۽ عملي تعاون جي ذريعي تنظيم جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں