اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي شروعات خميس کان اسلام آباد ۾ ٿيندي، سمٽ ۾ اٽڪل 300 ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندا شرڪت ڪندا. صحت واري وزارت طرفان جاري تفصيل مطابق سمٽ ۾ ٻارن، نوجوانن ۽ معاشرن لاءِ مستقبل جي تقاضن مان هم آهنگ ۽ موسمياتي تبديلين سان موثر طور تي منهن ڏيڻ واري ذهني صحت جي نظام جي جوڙجڪ تي غور ڪيو ويندو. …
پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي شروعات خميس کان اسلام آباد ۾ ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي شروعات خميس کان اسلام آباد ۾ ٿيندي، سمٽ ۾ اٽڪل 300 ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندا شرڪت ڪندا. صحت واري وزارت طرفان جاري تفصيل مطابق سمٽ ۾ ٻارن، نوجوانن ۽ معاشرن لاءِ مستقبل جي تقاضن مان هم آهنگ ۽ موسمياتي تبديلين سان موثر طور تي منهن ڏيڻ واري ذهني صحت جي نظام جي جوڙجڪ تي غور ڪيو ويندو. سمٽ ۾ وفاقي، صوبائي اختياريون، ملڪي ۽ پرڏيهي صحت جي شعبي سان واڳيل ماهر ۽ نوجوان شرڪت ڪندا. گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ ۾ ذهني صحت سان لاڳاپيل پاليسي قدمن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. سمٽ دوران ٻارن ۽ نئين ڄاول ٻارن جي ذهني صحت بابت قومي پروگرام به جاري ڪيو ويندو. صحت واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي پڄاڻي تي اسلام آباد ڊيڪلريشن آن مينٽل هيلٿ منظور ڪيو ويندو، جنهن ۾ ذهني صحت جي شعبي ۾ مستقبل لاءِ گڏيل ترجيحن ۽ قدمن جو تعين ڪيو ويندو.











