سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4300 رپين جي واڌ، في تولو سون 4 لک 41 هزار 636 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 31 هزار 636 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 41 هزار 6 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3686 رپين جي …

اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 31 هزار 636 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 41 هزار 6 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3686 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 74 هزار 945 رپين مان وڌي 3 لک 78 هزار 631 رپيا ٿي وئي. 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 43 هزار 712 رپين مان وڌي 3 لک 47 هزار 091 روپيا ٿي وئي.

مزید خبریں