لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ جي ٻن اھم ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو - 30 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ جي ٻن اھم ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهن جن وٽان ٻه عدد پسٽل، هڪ عدد ڦر ٿيل سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل هنڊا 125 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد نائيچ لاڙو واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران موٽرسائيڪل ڦر جي …

لاڙڪاڻو – 30 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ جي ٻن اھم ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهن جن وٽان ٻه عدد پسٽل، هڪ عدد ڦر ٿيل سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل هنڊا 125 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد نائيچ لاڙو واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران موٽرسائيڪل ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڏوھارين کي ڦر ٿيل سي ڊي 70 موٽرسائيڪل، ٻن عدد پسٽلز ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل هنڊا 125 موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ وسيم مغيري ۽ ارشد مغيري جي نالن سان ٿي آهي. گرفتار جوابدار موٽرسائيڪل ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ۽ ڏوهاري گينگ جا ساٿي آهن. جوابدارن وٽان هٿ آيل سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ڏهه ڏينهن اڳ چودڳي واري علائقي مان ڦر ڪئي وئي هئي.جوابدارن واردات دوران موٽرسائيڪل جي مالڪ محمد حسن کوسو کي به زخمي ڪيو هو، جنهن جو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي رشيد وڳڻ تي داخل ٿيل آهي.گرفتار جوابدارن جو ڪرمنل ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جي ڪارروائي جاري آهي.

مزید خبریں