سعودي عرب جي ولي عهد سان گڏيل عرب امارات جي نائب صدر جي ملاقات ، خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-30سيپٽمبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان رياض ۾ گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ نائب وزيراعظم شيخ منصور بن زايد آل نهيان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ منصور بن زايد امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان پاران سعودي ولي عهد کي خير سگالي جو پيغام ڏنو. شهزاده محمد بن سلمان به گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد …

رياض-30سيپٽمبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان رياض ۾ گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ نائب وزيراعظم شيخ منصور بن زايد آل نهيان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ منصور بن زايد امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان پاران سعودي ولي عهد کي خير سگالي جو پيغام ڏنو. شهزاده محمد بن سلمان به گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

مزید خبریں