گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جي سيڪريٽريٽ جنرل سان الوداعي ملاقات

گڏيل قومون - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان الوداعي ملاقات ڪئي، سيڪريٽري جنرل عالمي اداري ۽ ان جي امن ۽ ترقي جي ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار  ۽ ڀرپور حمايت جي تعريف ڪئي. هن پاڪستان جي ٽياڪڙي  جون ڪوششون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي موجوده ميمبر جي حيثيت سان ان جي …

گڏيل قومون – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان الوداعي ملاقات ڪئي، سيڪريٽري جنرل عالمي اداري ۽ ان جي امن ۽ ترقي جي ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار  ۽ ڀرپور حمايت جي تعريف ڪئي. هن پاڪستان جي ٽياڪڙي  جون ڪوششون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي موجوده ميمبر جي حيثيت سان ان جي ڪردار کي به ساراهيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن پاران جاري پريس پڌرائي مطابق انتونيو گوتريش سفير عاصم افتخار احمد کي پاڪستان جو  نئون  پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير عاصم افتخار احمد  پنهنجي سفارتي عرصي دوران سيڪريٽري جنرل ۽ سندس ٽيم پاران فراهم ڪيل تعاون تي ٿورو مڃيو ۽ گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون لاءِ سندس قيادت ۽ اصولي حمايت جي تعريف ڪئي. عاصم افتخار احمد اپريل 2025ع کان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي چيف ڊيليگيٽ طور خدمتون انجام ڏنيون. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ دوران به ملڪ جي نمائندگي ڪئي ۽ جولاءِ 2025ع ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان فرض انجام ڏنو. ان کان اڳ هن 2022ع کان 2024ع تائين فرانس ۽ 2017ع کان 2021ع تائين ٿائيلينڊ ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي وزارت جي ترجمان طور به خدمتون انجام ڏنيون.

مزید خبریں