مانچيسٽر سٽي تي بي ضابطگين جا الزام ثابت،ڪلب کي سخت ڪارروائي درپيش

لنڊن-30 سيپٽمبر(اي پي پي)انگلش پريمئير ليگ جي 3 رڪني آزاد ڪميشن مانچيسٽر سٽي کي مالي بي ضابطگين بابت ڪيترن ئي الزامن ۾ قصور وار قرار ڏنو آهي .ڪميشن موجب ڪلب اسپانسرشپ معاهدن ، رانديگرن جي حقن ۽ ٻين مالي مسئلن ذريعي آمدني ۽ خرچن جي اصل صورتحال لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته  پرڏيهي ميڊيا موجب سال 10-2009ع کان 18-2017ع دوران مانچيسٽر سٽي ابو ظهبي سان وابسته اسپانسرز کان 949.94 ملين …

لنڊن-30 سيپٽمبر(اي پي پي)انگلش پريمئير ليگ جي 3 رڪني آزاد ڪميشن مانچيسٽر سٽي کي مالي بي ضابطگين بابت ڪيترن ئي الزامن ۾ قصور وار قرار ڏنو آهي .ڪميشن موجب ڪلب اسپانسرشپ معاهدن ، رانديگرن جي حقن ۽ ٻين مالي مسئلن ذريعي آمدني ۽ خرچن جي اصل صورتحال لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته  پرڏيهي ميڊيا موجب سال 10-2009ع کان 18-2017ع دوران مانچيسٽر سٽي ابو ظهبي سان وابسته اسپانسرز کان 949.94 ملين پائونڊ آمدني ظاهر ڪئي جڏهن ته اسپانسرز پاران سڌيءَ ريت ادا  ڪيل رقم 119.25 ملين پائونڊ هئي. ڪميشن باقي رقم جي وضاحت بابت ڪلب جي موقف کي رد ڪندي ان کان حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.ڪميشن مانچيسٽر سٽي تي غلط مالي رپورٽنگ جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ ۽ مالياتي قانون جي خلاف ورزي سميت ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو آهي. ڪلب جي چيئر مين فيصلي باوجود ڪلب جي بي گناهي ثابت ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. مانچيسٽر سٽي کي فيصلي خلاف اپيل درج ڪرڻ جو حق حاصل آهي جڏهن ته سزا جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو ان ۾ ڏنڊ رانديگرن جي منتقلي تي پابندي پوائنٽس ۾ ڪٽوتي يا پريمئير ليگ مان نيڪالي سميت مختلف قدم شامل ٿي سگهن ٿا. ڪلب خلاف اپيل ۽ عدالتي ڪارروائي سبب معاملو سال2027ع يا ان کان پوءِ به جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي پريمئير ليگ جي ڪجهه ڪلبن به مالي نقصان جي ازالي لاءِ مانچيسٽر سٽي خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکيو آهي .

مزید خبریں