اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ڏوهن جي جاچ جا طريقيڪا تبديل ڪري ڇڏيا آهن، فارنزڪ ثبوت ڏوهن جي سڃاڻپ، موثر پراسيڪيوشن ۽ سزائن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرانزڪ سائنس انتهائي اهميت رکي ٿي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن نيشنل فارنزڪ ايجنسي جي دوري جي موقعي تي …
نيشنل فارنزڪ ايجنسي پاڪستان ۾ فارنزڪ سائنس جي سينٽر آف ايڪسيلينس طور ڪم ڪندي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ڏوهن جي جاچ جا طريقيڪا تبديل ڪري ڇڏيا آهن، فارنزڪ ثبوت ڏوهن جي سڃاڻپ، موثر پراسيڪيوشن ۽ سزائن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرانزڪ سائنس انتهائي اهميت رکي ٿي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن نيشنل فارنزڪ ايجنسي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي کيس ايجنسي جي مختلف شعبن، ليبارٽريز ۽ فارنزڪ جاچ جي طريقيڪار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل فارنزڪ ايجنسي ايڪٽ 2024ع تحت 24 ڊسمبر 2024ع تي نيشنل فارنزڪ ايجنسي قائم ڪئي وئي، جيڪو ملڪ جو مرڪزي وفاقي فارنزڪ ادارو آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پراسيڪيوشن ۽ عدالتن کي سائنسي فارنزڪ خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته نيشنل فارنزڪ ايجنسي جي 11 فارنزڪ ليبارٽريز فعال ۽ نوٽيفائيڊ آهن جڏهن ته ڊجيٽل فارنزڪس ۽ ايڪسپلو سيو فارنزڪس جا سينٽرز آف ايڪسيلينس به قائم ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل فارنزڪس ليب کي 2506 ڪيس مليا، جن مان 2158 ڪيسز مڪمل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 3090 ڊجيٽل ڊوائيسز پروسيس ڪيون ويون. ڪيميڪل ۽ بايولاجيڪل فارنزڪ ليبارٽريز ۾ 1525 ڪيسز مليا جن مان 1044 مڪمل ڪيا ويا. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپلو سيو فارنزڪس سينٽر آف ايڪسيلينس تحت نيشنل بم ايڪسپلوويزن اينڊ انويسٽيگيشن سسٽم به قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير مختصر مدي ۾ نيشنل فارنزڪ ايجنسي کي فعال بڻائڻ تي ڊائريڪٽر جنرل جواد احمد ڊوگر ۽ اداري جي عملي کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نيشنل فارنزڪ ايجنسي پاڪستان ۾ فارنزڪ سائنس جي سينٽر آف ايڪسيلينس طور ڪم ڪندي ۽ ٻين ليبارٽريز ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي به مدد فراهم ڪندي. وفاقي وزير چيو ته فارنزڪ نظام ۾ موجود قانوني خال ۽ اداره جاتي رابطن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. لاڳاپيل ادارن سان مفاهمتي يادداشتن ذريعي فارنزڪ، جاچ ۽ پراسيڪيوشن وچ ۾ گڏيل نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.











