اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ ڪجهه اهم جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.29 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 93.89 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي تحت مستقبل جا سودا 1.65 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 106.93 ڊالر في بيرل جي سطح …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ ڪجهه اهم جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.29 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 93.89 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي تحت مستقبل جا سودا 1.65 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 106.93 ڊالر في بيرل جي سطح تي رهيا. اسپاٽ گولڊ جي قيمت 28.11 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 4143.82 ڊالر في اونس، جڏهن ته چانديءَ جي قيمت 0.54 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 61.18 ڊالر في اونس رهي. مڪئي جي قيمت ۾ 0.75 ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ ان جي في بشل قيمت 523.75 ڊالر رهي. ڪڻڪ جي قيمت ۾ 2.25 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مستقبل جا سودا 666.50 ڊالر في بشل جي سطح تي رهيا. اهڙي طرح ڪپهه جي قيمت 1.31 ڊالر، جڏهن ته زنده چوپائي مال جي قيمت ۾ 1.35 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.











