لاهور - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سريلنڪا خلاف ٽي - 20 ۽ ٽيسٽ سيريز، جڏهن ته انگلينڊ، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ٽراءِ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي ترجمان مطابق ون ڊي ٽراءِ سيريز ۾ آءِ سي سي ايليٽ پينل ۾ جيف ڪرو ميچ ريفري جا فرض انجام ڏيندو، جڏهن ته آءِ سي …
پي سي بي پاران پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ٽراءِ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان

مزید خبریں
لاهور – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سريلنڪا خلاف ٽي – 20 ۽ ٽيسٽ سيريز، جڏهن ته انگلينڊ، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ٽراءِ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي ترجمان مطابق ون ڊي ٽراءِ سيريز ۾ آءِ سي سي ايليٽ پينل ۾ جيف ڪرو ميچ ريفري جا فرض انجام ڏيندو، جڏهن ته آءِ سي سي ايليٽ پينل جو امپائر احسن رضا ۽ شرفد وله به پينل ۾ شامل آهن. ٻين امپائرز ۾ آصف يعقوب، راشد رياض، فيصل آفريدي، ناصر حسين ۽ نيوزي لينڊ جو وين نائٽس شامل آهن. ٽراءِ سيريز جي فائنل ۾ احسن رضا ۽ وين نائٽس آن فيلڊ امپائرز جڏهن ته شرفد وله ٿرڊ امپائر هوندا. شرفد وله ۽ وين نائٽس ٽراءِ سيريز ۾ ترتيبوار 4 ۽ 3 ميچ ۾ ٿرڊ امپائر جون ذميواريون به نڀائيندا. انگلينڊ سان تعلق رکندڙ آءِ سي سي ايمرجنگ پينل جو ريفري ڊين ڪوسڪر ٽيسٽ سيريز ۾ ذميواريون انجام ڏيندو. هو راولپنڊي ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ريفري طور تي ڊيبيو ڪندو. آءِ سي سي ايليٽ پينل جي امپائرز روڊ ٽڪر، ايڊرين هولڊ سٽاڪ ۽ پاليڪر ٽيسٽ سيريز ۾ آن فيلڊ امپائر هوندا. جڏهن ته پاليڪر ۽ ٽڪر پهرين ۽ ٻي ٽيسٽ ۾ ترتيبوار ٿرڊ امپائر جون ذميواريون انجام ڏيندا. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي – 20 سيريز لاءِ علي نقوي کي ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو آءِ سي سي انٽر نيشنل پينل ميچ ريفريز جو حصو آهي. راشد رياض، ناصر حسين ۽ فيصل آفريدي ٽي 20 سيريز ۾ آن فيلڊ ۽ ٿرڊ امپائر جون ذميواريون نڀائيندا، جڏهن ته طارق رشيد ٽنهي ميچز ۾ فورٿ امپائر هوندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ٽي – 20 ميچز 9، 11 ۽ 13 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون. ون ڊي ٽراءِ سيريز 18 کان 31 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 2 ٽيسٽ مچون 9 کان 21 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون.











