ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) چين مان 17 سالن بعد اسلام آباد ريسڪيو 1122 ۽ فائر بريگيڊ لاءِ 21 جديد گاڏيون ڪراچي پورٽ تي پهچي ويون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي پورٽ جو دورو ڪري اسلام آباد ريسڪيو ۽ فائر بريگيڊ لاءِ پهتل نئين گاڏين جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته نئين گاڏين جي پاڪستان آمد خوش آئند آهي ۽ سال 2009ع کانپوءِ اسلام آباد ريسڪيو …
چين مان 17 سالن بعد اسلام آباد ريسڪيو 1122 ۽ فائر بريگيڊ لاءِ 21 جديد گاڏيون ڪراچي پورٽ تي پهچي ويون

مزید خبریں
ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) چين مان 17 سالن بعد اسلام آباد ريسڪيو 1122 ۽ فائر بريگيڊ لاءِ 21 جديد گاڏيون ڪراچي پورٽ تي پهچي ويون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي پورٽ جو دورو ڪري اسلام آباد ريسڪيو ۽ فائر بريگيڊ لاءِ پهتل نئين گاڏين جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته نئين گاڏين جي پاڪستان آمد خوش آئند آهي ۽ سال 2009ع کانپوءِ اسلام آباد ريسڪيو سروس ۾ هي وڏو اضافو آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گاڏيون 5 ڏينهن اندر ڪراچي کان اسلام آباد پهچايون وينديون، جڏهن ته جديد گاڏيون اسلام آباد جي 6 اسٽيشنن تي هر وقت موجود رهنديون.نين گاڏين ۾ 4 فائر ايريئل ٽرڪ، 6 فائر ٽاور ۽ 5 فائر ٽينڪ شامل آهن، جيڪي 256 فوٽن جي اوچائي تائين ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.











